اوٻاوڙو (ن پ ا) اليڪشن ڪميشن طرفان اوٻاوڙو جي ملڪ ڪالوني بوائز پرائمري اسڪول واري حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشن ۾ گذريل ڏينهن 8 ڪيمرائون لڳايو ويون، جن مان چوڪيدار نه هجڻ ڪري 3 ڪيمرائون چوري ٿي ويون آهن، اهڙو اطلاع  اوٻاوڙو پوليس کي ڏنو ويو، پوليس پهچي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن آر او شاهه محمد بلوچ جو چوڻ هو ته پوليس چوري ٿيل ڪيمرائن جي جاچ ڪري پئي، جلد ٻيون ڪيمرائون لڳايون وينديون، هاڻي چوڪيدار  مقرر ڪري ڇڏيو آهي.