بدين(رپورٽر) پيپلز پارٽي طرفان اين اي 223 جي اميدوار سردار رسول بخش چانڊيو جو مختلف ڳوٺن جنھن ۾ ڳوٺ عبدالله سومرو مھراب مراداڻي سميت بدين سٽي جي وارڊن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون جاري انھي  موقعي تي خطاب ڪندي سردار رسول بخش چانڊيو عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته  توهان عوام جو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ جنم جنم جو آھي، جنھن جي ڪري توهان اسان کي محبتون ڏيو ٿا اھو پيار صرف شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري آھي، ھن چيو ته اسان ڪنھن جي به خلاف نه بد زباني ڪئي آهي نه ڪندا سين اسان جي مخالفن طرفان اسان خلاف چيل لفظن جو عوام  انھن کان 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي  پلاند ڪندو  اسان مخالفن کي چونداسين ته صبر جو دامن نه ڇڏين ڇوته عوام سان ٽڪرائيندا ته ان جو نتيجو شڪست جي صورت ۾ نڪرندو پنھنجو شڪستون ڏسي ھوش مان نه نڪرو نه ئي بد زبان ٿيو ھن چيو ته جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي توهان کي ٽڪيٽ ڏيندي ھئي تڏهن پارٽي به سٺي لڳندي ھئي مگر توھان جي افعالن جي ڪري توهان کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏنا ھاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي به خراب ته ان جا اميدوار ليڊر به خراب ٿا لڳن ھن چيو ته اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل واٽ تي ھلي جمھوريت جي رکوالي ڪئي آھي ھن چيو ته جيت  ھميشه حق جي ٿيندي آھي توهان حق ۽ سچ کا پاسيرا آھيو ان ڪري گھر آرام ڪريو عوام جو عزم آھي ته ھُو بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندو