اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻن چيو آهي ته طاقت جي زور تي ملڪ بند ڪري سگهو ٿا پر هلائي نٿا سگهو، اسلام آباد فتح ڪرڻ يا جنگ ڪرڻ نٿا اچون. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد  عمر چيو آهي ته طاقت جي زور سان ملڪ بند ڪري سگهو ٿا پر هلائي نٿا سگهو، عوام پنهنجي سواءِ ڪنهن جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ناهن، اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر فون ڪال بابت جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو، شاهه محمود قريشي چيو ته ان ڪال بابت ٻيهر چوان ٿو ته ٿورو انتظار ڪريو، 14 سالن بعد چوڌري شجاعت حسين ۽ نواز ليگ پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا، اها ارينجمينٽ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان اسلام آباد فتح ڪرڻ يا جنگ لاءِ نٿا وڃون؟. تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن جي مذمت ڪندي چيو ته اڳوڻا فوجي ۽ رٽائرڊ ماڻهو به پوليس گردي جو نشانو بڻيا، اطلاع آهن ته رٽائرڊ ميجر جي گهر اڌ رات جو زوري داخل ٿيڻ تي گهرڀاتين ڦورو سمجهي فائر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، سمورن واقعن جو ذميوار حمزه شهباز ۽ راڻا ثناءُ الله آهن.