لاهور (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ خلاف هلندڙ مهيني ٽي 20 سيريز ۽ ايندڙ مهيني آسٽريليا ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي اسڪواڊ لاءِ پندرنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي،  ميگا ايونٽ لاءِ 3 رانديگرن کي ريزرو طور رکيو ويو،  اوپنر شان مسعود جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. چيف سليڪٽر محمد وسيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيم جو اعلان ڪيو. ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، شاداب خان، آصف علي، حيدرعلي، حارث رئوف، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد حسنين، محمد نواز ، محمد رضوان، محمد وسيم، نسيم شاهه، شاهين شاهه، شان مسعود ۽ عثمان قادر شامل آهن. اهڙي ريت فخر زمان،  محمد حارث ۽ شاهنواز ڏاهاڻي اسٽيڊ باءِ طور رکيو ويو آهي يعني جيڪڏهن ڪو رانديگر ان فٽ ٿيو ته سندن جڳهه تي موقعو ڏنو ويندو. نيشنل ٽي 20 ڪپ مان آل رائونڊر عامر جمال ۽ بيٽسمين ابرار کي به شامل ڪيو ويو آهي.