سوال/سروي … گيسٽرو، مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس وڌي ويا، ماڻهو مري رهيا آهن، صحت کاتي ڪي اپاءَ ناهن ورتا: عوام

0
161

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گيسٽرو، مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس وڌي ويا آهن، ڇا اوهان جي علائقي ۾ صحت کاتي ڪي اپاءَ ورتا آهن ؟ اسپتالن ۾ علاج جي بهتر سهولت ميسر آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته گيسٽرو، مليريا ۽ ڊينگي وائرس جي ڪري ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن پر اسپتالن ۾ ڪي به سهولتون ميسر نه آهن، صحت کاتي ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حيدر بخش چانڊيو لکيو ته وارهه اسپتالن ۾ ڪابه سھولت موجود ناھي ۽ نه ئي وري انھن موذي مرضن جي روڪٿام لاءِ نه ڪي جوڳا اپاءَ ورتا ويا آھن، شفيع ملاح لکيو ته تعلقي مانجهند ۾ ڪابه صحت جي سهولت نه آهي ڪافي معصوم ٻار ڊائريا گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا آھن پر ضلعي انتظاميا ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي، آصف چانڊيو لکيو ته سنڌ سرڪار متاثرن جي واھر ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ثابت ٿي آھي ماڻهو مليريا گيسٽرو وگھي مري رھيا آھن وارھ تعلقو بي يارو مددگار آھي جتي صحت کاتي ۾ ايمرجنسي بنياد تي اپاءَ ورتا وڃن، صدام حسين لغاري لکيو ته اسان جي شھر نصيرآباد ۾ گيسٽرو مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس ڏيھون ڏينھن وڌي رھيا آھن ان بابت صحت کاتي اڃان تائين ڪو به اپاءؙ نه ورتو آھي ان کان علاوه اسان وٽ ڪا به سھولت ميسر نه آھي ، نماڻو نوناري لکيو ته صحت کاتي جو ڪو به حال ناهي، ڳڙهي خيري ۾ گيسٽرو مليريا ڊينگي وائرس جا ڪيس وڌي ويا آهن، 15 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن صحت کاتي ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، شاهد ڏاهري لکيو ته صحت کاتو اگهور ننڊ ستل آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ماڻھو وبائي بيمارين ۾ وٺجي ويا ساھ چمڙي۽ جي بيماري پکڙجي ويون آھن ھڪ ئي گھر چار کان پنج ڀاتي ۾ مليريا ڪيس ظاھر ٿيڻ لڳا سرڪاري اسپتالن علاج جي کوٽ مليريا جا ڊوز اڻلڀ ٿي ويا آھن صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آھي، سنتوش ڪمار لکيو ته اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي، شوڪت بلوچ لکيو ته ڪاڇي ڊرگھه بالا جي علائقي ۾ 100مان 90 ماڻھو مليريا ۾ ورتل آهي دادو ڪاڇي جي اسپتالن ۾ ٻن مھينن کان دوائون اڻلڀ آھن، اظهر جلباڻي لکيو ته ھوت خان جلباڻي شھر سميت ڀرپاسي ڪي به سرڪاري سطح تي انتظام نه آھن مليريا عام ٿي وئي آهي مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي پر ن مڇر مار اسپري ٿيو آھي، واحد بخش شر لکيو ته ٽائون ڪاميٽي هنڱورنو جو صحت مرڪز ئي علاج جو منتظر آهي اڃان تائين چيلھه جيترو پاڻي بيٺل اٿس. محمد يونس بوزدار لکيو ته شهدادڪوٽ ۾ اسپتالن ۾ ڪابه سھولت موجود ناھي، زاهد علي مجيداڻو لکيو ته سرڪار ته ٽڪي جو به ڪو رليف نه ڏنو آهي پوء به شابس آ پيروسڻ جي نوجوانن کي جن پنهنجي مدد پاڻ تحت جيڪو پڄي ٿو غريبن جي مدد ڪن پيا مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي غريبن جي سار لھن پيا، شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ ھينئر تائين ڪوبه اپاءَ انتظاميه طرفان نه ورتا ويا آهن، غلام رضا بجير لکيو ته اسپتالن ۾ دوائن جي اڻھوند آهي برساتن سبب مليريا ۽ ڊينگي جا مسلسل ڪيس وڌڻ لڳا آهن، غلام فريد هاليپوٽو لکيو ته اڪري چودڳي شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ سرڪاري سطح تي ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي رليف ڪئمپن ۾ سميت واهن جي ڪپرن تي ويٺل متاثرين ۾ گيسٽرو ۽ مليريا جو تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي يوسي اڪري ۾ 10 ڏينهن اندر گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 14 ڄڻا فوت چڪا آهن ڪا به ميڊيڪل ڪئمپ نه لڳي سگهي آهي، اياز گل لغاري لکيو ته اسان جي شھر نصيرآباد ۾ صحت کاتي ڪي به اپاءؙ نه ورتا ويا آھن، سهيل چانڊيو لکيو ته وارھ شھر ۾ ھڪ ڏينھن ۾ 160 ماڻھن جي مليريا پازيٽو آئي آهي، سرتاج حيدر لکيو ته صحت کاتو آهي ڪٿي؟ ٺري ميرواهه ۾ ڪا سهولت ناهي، وحيد چانڊيو لکيو ته چونڊڪو اسپتال ۾ پاڻي آھي۽ ڊاڪٽر ويزا تي آھن، فيض سنڌي لکيو ته مليريا جا ڪيترائي مريض اسپتال مان نا اميد ٿي موٽي آيا بس رب سائين رحم ڪري، احسان چانڊيو لکيو ته تعلقا ڪي اين شاھ  ٻوڏ هيٺ آيل ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي پر ڪٿي به ڪا انتظاميا نظر ڪونه پئي اچي منهنجي ڳوٺ گل محمد چانڊيو ٻيلوپتڻ ۾ سوين ماڻھون بستري ڀيڙا آھن اڄ مان پنهنجي حال تي ٻيڙي جي ن هجڻ تي دوائون وٺڻ لاء هڪ ڪلاڪ پاڻي جهاڳي شھر پهتو آھيان، قادر شر لکيو ته ٽائون ڪاميٽي هنڱورنو ۾ بلڪل بهترين ڪم ڪري رهيو آهي صحت کاتو.! برڪت علي لکيو ته اڃان تائين ڪي به اپاءَ ن ورتا ويا آهن، راشد علي ماڃوٺو لکيو ته ٻٻرن کان ٿا ٻير گھرو، شهزاد سولنگي لکيو ته ٺارو شاھ جي اسپتال پاڻ ٻڏي ٿي اسان وٽ ڪاب سھولت ڪانه آھي، محمد اويس لکيو ته لُطف پنهور نوشهرو فيروز ۾ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا، نادر اڄڻ لکيو ته ٽنڊومستي ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سرڪاري سطح تي ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي رليف ڪئمپن ۽ روڊن تي ويٺل برسات متاثرين ۾ گيسٽرو ۽ مليريا جو تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي يوسي ٽنڊومستي ۾ 5 ڏينهن اندر گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 4 ڄڻا فوت چڪا آهن ڪا به ميڊيڪل ڪئمپ نه لڳي سگهي آهي ضلعي انتظاميه اگھور ننڍ ستل آهي، اويس احمد لکيو ته واره ضلع قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڏينهنون ڏينهن بيمارين اچي منهن ڪڍيو آهي گلن جهڙا معصوم ٻارڙا غريبن مسڪينن کان وڇڙندا پيا وڃن، سرڪاري اسپتال هاڻي ناڪاري بڻجي وئي آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي مسڪينن جا جيئن اجھا لڙھي ويا بي گھر ٿيا تيئن ھن گيسٽرو مليريا تباھي مچائي ڇڏي آهي سنڌ مرڪڻ بجاءِ سڏڪي ٿي پئي، خدا ڏنو شورو لکيو ته اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي، منٺار علي لغاري لکيو ته گڙھي خيرو ۾ مليريا ڪيس وڌي ويا آهن سول اسپتال ۾ مليريا جي انجيڪشن بلڪل نٿي ملي، ساگر ڀٽي لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ 70 سيڪڙو ماڻھو مليريا ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ، روڊ رستا بند آھن ، شھر ۾ پيناڊول ۽ ڊسپرين گورين سميت بخار جي ڪا سيرپ به نٿي ملي ، انجان سهندرو لکيو ته يوسي رحيم آباد تعلقي خانپور م گيسٽرو سبب 2 ٻار فوت ٿي چڪا آھن. ڪيترائي مليريا، گيسٽرو ء ڊينگي م مبتلا ٿي چڪا آھن، صحت کاتي ڪي به اپاءَ ناهن ورتا. ميهر خان چانگ لکيو ته تعلقو ٽنڊو غلام حيدر سرڪاري اسپتال صرف نالي ماتر آھي اتي ڪاب صحت جي سھولت ناھي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس وڌي ويا آهن اسان جي شهر ڪڍڻ صحت کاتي اپا۽ نه ورتا، محمد حسين لکيو ته سرهاري ۾ ڊاڪٽر نٿا اچن، اعجاز جوڻيجو لکيو ته شھدادڪوٽ جي سول اسپتال ۾ ته بخار جي ٽيبليٽ به نه ملي، وقار حسين لکيو ته خانواھڻ جي اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي، تسليم احمد ڪوري لکيو ته سڳيون اسپتال ۾ بلڪل ڪا به سهولت نه هجڻ ڪري، عوام مايوس ٿي چڪو آهي، اسپتال ۾ مريضن کي هڪ جهڙيون ٻه شيشيون دوا ۽ ٽڪيون ڏئي واپس موٽائي ڇڏين ٿا، محمد الياس شر لکيو ته ڪوٽ غلام محمد ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ماڻھو ۽ جانور برساتي پاڻي پي رهيا آهن حڪومت يا نمائندن ھڪڙي مڇرداني به ڪونه ڏني آھي برساتن جي تباهيءَ کان ھيئنر تائين ڪير به ڪونه پھتو آھي، ڊاڪٽر عبدالغني شر، سعيد جلباڻي، ارشاد علي مستوئي، حفيظ تنيو، ايم حسين جمالي، عطاءُالله بلوچ، عزيزالله سومرو ، محمد علي عمراڻي، عاطف عتيق، احمد علي، اياز احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.