انٽر بينڪ ۾ ڊالر مھانگو ٿي 220 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو

0
246
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي (م ڊ) رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر جي قيمت 220 رپيا ٿي وئي

ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سومر تي ڊالر مسلسل پنجين ڏينهن وڌيو ۽ سومر تي ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 219 رپيا 71 پئسا مهانگو ٿي 82 پئسا تي بند ٿيو

اڄ اڱاري تي ڪاروبار شروع ٿي ويو آهي پر انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ ڊالر 29 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي

واپار دوران ڊالر جي قيمت ۾ 50 پئسا اضافو ٿيو جنهن سان ڊالر جي قيمت 220 رپيا 50 پيسا ٿي وئي

ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 227 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

سون 100 رپيا مهانگو: ڊالر 226 رپين تي برقرار