قاضي احمد پوليس جي مورو ويجھو ڪارروائي، نينگري بازياب

0
238
قاضي احمد پوليس جي

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد پوليس مورو ويجهو ڪارروائي ڪندي هفتو اڳ اغوا ٿيل نينگري صغريٰ کي بازياب ڪرائي ورتو، نينگريءَ کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ پينو فقير کي گرفتار ڪيو ويو آھي

بازياب ٿيل 9 ورهين جي صغريٰ عرف دعا جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪپڙا وٺي ڏيڻ بهاني موٽرسائيڪل تي کڻي پنهنجي پڦي جي گهر قيد ڪيو هو

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار يونس چانڊيو پينو فقير آهي، جوابدار ٻارڙن کي اغوا ڪري کانئن گداگري ڪرائيندو رهيو آهي

ھي به پڙھندا

ميرپورخاص پوليس جو ڇاپو، ناري بازياب، زيادتي جو ڪيس داخل

ميهڙ مان مهينو اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي سگهي