ميهڙ مان مهينو اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي سگهي

0
197
ميهڙ مان مهينو اڳ

ميهڙ مان ھڪ مھينو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري ريحانا سولنگي ۽ سندس نياڻي شهناز سولنگي بازياب نه ٿي سگھيون

گلشن مدينا ڪالوني واسڻ شادي شده ناري ريحانا سولنگي ۽ سندس نياڻي شهناز سولنگي 16 مئي کان لاپتا آھ

ناري جي مڙس اسدالله سولنگي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجي زال ٿيٻا روڊ تي نياڻي سان گڏ ووڪيشنل سينٽر تي سکيا لاءِ ويل هئي واپسي تي کيس اغوا ڪيو ويو آھي

ھن چيو ته مان بي سيڪشن ٿاڻي تي پنهنجي زال ۽ ڌي جي اغوا جي اين سي نامعلوم ماڻھن مٿان داخل ڪرائي آھي پر بي سيڪشن پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو