انعم فياض اسلامي زندگي گذارڻ لاءِ شوبز انڊسٽري ڇڏي ڏني

0
290

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا انعم فياض اسلام لاءِ شوبز انڊسٽري کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. اداڪارا پاڪستاني ڊرامن کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترائي ڪامياب پروجيڪٽ ٺاهيا

شادي ۽ هڪ ٻار جي ماءُ بڻجڻ کانپوءِ به هوءَ شوبز سان سلهاڙيل رهي. انعم فياض ڪجهه عرصي کان ٽي وي اسڪرينن تان غائب آهي ۽ هاڻي هن جون حجاب ۾ تصويرون اڳيان اچي رهيون آهن

Anum Fayyaz bids farewell to showbiz industry for Islam

اداڪارا انسٽاگرام تي پوسٽ ۾ لکيو ته هي پيغام لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ڇو ته اوهان سڀ منهنجي ڪيريئر ۾ مونسان گڏ رهيا آهيو. هن لکيو ته هاڻي مان شوبز انڊسٽري کي ڇڏي اسلامي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اوهان سڀني کي گذارش آهي ته پنهنجي دعائن ۾ مونکي ياد رکو