انشاءَ الله ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي وڏو شهر اڏيو ويندو:وزيراعظم

0
536

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انشاءَ الله ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ تي وڏو شهر اڏيو ويندو، سموري ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون، هڪجهڙو نصاب نه هجڻ ڪري بُنيادي پرستي کي هٿي ملندي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ 10 سالن اندر 10 نوان ڊئمز ٺاهيا ويندا، ڊئمز مان 10 ميگاواٽ شفاف بجلي پيدا ٿيندي ۽ زرعي پاڻي ۾ به اضافو ٿيندو، هاڻي ٻهراڙي سان گڏ شهرن ۾ به وڻ پوکي رهيا آهيون، 2023ع تائين 10 ارب وڻ پوکيا ويندا.