امريڪي ڪوسٽ گارڊ تاريخ جي سڀ کان وڏي منشيات جي کيپ پڪڙي ورتي!!

0
385

فلوريڊا: امريڪي ڪوسٽ گارڊ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي منشيات جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ منشيات جي وڏي کيپ پڪڙي ورتي.
امريڪي ڪوسٽ گارڊ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فلوريڊا جي بندرگاهه ايورگلڊس مان ضبط ڪيل ڪوڪين ۽ چرس جي ماليت 1.4 ارب ڊالر آهي. ڪمانڊر ائٽلانٽڪ ايريا وائيس ايڊمرل اسٽيون پولن هڪ بيان ۾ چيو ته منشيات جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام ڪرڻ اسان جي اندروني ايجنسي پارٽنرز ۽ بين الاقوامي اتحادين جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. يو ايس ڪوسٽ گارڊ جي مطابق ، 59،700 پائونڊ ڪوڪين ۽ 1،430 پائونڊ چرس بندرگاھ تي ضبط ڪئي وئي ، پر ڪوسٽ گارڊ اهو نه چيو ته آپريشن ۾ ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.