ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) افغانستان ۽ ايران مان امپورٽ کلڻ بعد ٽماٽا 199 ۽ بصر 99 رپيا في ڪلو ٿي ويا، جڏهن ته پٽاٽا 39 مان وڌي45 رپين تي پهتا، جڏهن ته ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ساين ڀاڄين ۾ ڪي قدر گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي هئي، ڀينڊيون ۽ ميها 250، پتائي گجرون 220، ڪريلا200، بهه99، توريون 139، کيرا 165، شمله مرچ 210 ۽ بند گوبي110 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا ، واپارين موجب برساتن جو سلسلو رڪجڻ ۽ روڊ رستا کلڻ بعد  ڀاڄين جي اگهن ۾ ويتر گهٽتائي ايندي