افغانستان کي امداد لاءِ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻا پوندا: آمريڪا

0
473
افغانستان کي امداد لاءِ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻا پوندا: آمريڪا
افغانستان کي امداد لاءِ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻا پوندا: آمريڪا

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي صدر جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جيڪ سليوان چيو آهي ته افغانستان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اتحادين ۽ گڏيل قومن پاران ڪوششون جاري آهن

جيڪ سليوان جو چوڻ آهي ته طالبان کي سڌيءَ ريت امداد لاءِ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻا پوندا، انساني همدردي ۽ امداد جي لاءِ پاڪستاني حڪومت به افغانستان لاءِ پريشان آهي

صدر جو بائيڊن جي قومي سلامتي واري صلاحڪار چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جاري صورتحال تي آمريڪا سان سهڪار چاهي ٿو

هن چيو ته هو طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان اسلام آباد جي لاڳاپن تي تبصرو نٿو ڪري سگهي، هن بنياد تي افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان ڪجهه چوڻ به مشڪل آهي