تهران (م ڊ) افغانستان جي پاڙيسري ملڪن افغانستان ۾ گهڻ نسلي ۽ گروهي حڪومت ٺاهڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ڪنهن کي به افغانستان جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏني وڃي، جڏهن ته روس پاڙيسري ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ ڪنهن کي به اڏا نه ڏين. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس تهران ۾ ايران جي ميزباني ۾ ٿيو. اجلاس بعد جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي مسئلي جو واحد حل گڏيل ۽ وسيع البنياد حڪومت آهي، سياسي ڍانچي ۾ سمورن نسلي گروهن کي شامل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ سمورن نسلي گروهن، عورتن ۽ اقليتن جي حقن جو احترام ٿيڻ گهرجي. افغانستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت ڪرڻ نه ڏني وڃي. ان جي خودمختياري جو خيال رکيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته افغانستان جي مسئلن جا ذميوار ملڪ مدد ڪن، جڏهن ته افغانستان جي مرڪزي بينڪ جا اثاثا بحال ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. ايران جو موقف هو ته اهو به يقيني بڻايو وڃي ته افغانستان ۾ ويڙهاڪ گروهه ڪنهن به طرح ماڻهن کي نشانو نه بڻائين، عوام جي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي. ٻئي طرف روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان خلاف ڪنهن کي به پنهنجي زمين يا اڏا استعال ڪرڻ نه ڏين.