اشو آف دي ڊي نوان اسڪول ته نٿا کوليا وڃن ويتر 5 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
143
اشو آف دي ڊي نوان اسڪول ته نٿا کوليا وڃن ويتر 5 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل

سنڌ حڪومت پاران 5 هزار اسڪول غير فعال ڄاڻاڻي بند ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي اهڙي ڳالهه سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ تعليم کاتي سان گڏ سنڌ سرڪار مٿان تنقيد ڪئي وئي، اسڪول بند نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ جميل ٻرڙو تعليم کاتي واري وزير سردار شاهه جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته 5 هزار غير فعال اسڪول بند ڪري رهيا آهيون،

ان ۾ 3600 اسڪول جلد بند ڪيا ويندا، عمارتون حڪومت کي واپس ڪنداسين ته ڪنهن ٻئي استعمال ۾ آڻن، جانورن جون اسپتالون ٺهن يا ڊسپينسري ٺهي يا ڪميونٽي هال ٺاهي ان ڳوٺ کي ڏنو وڃي اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو، اسڪولن جو انگ اسان کي گهٽائڻو آهي ۽ا سڪولن ۾ اسان کي سهولتون وڌائڻيون آهن، اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت هن سال سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن جا هڪ هزار نوان اسڪول کولي 5000 هزار پرائمري اسڪول بند ڪري ڇڏيا، تعليم پرائيويٽ ڪرڻي آهي، سنڌ دشمن فيصلي کي رد ڪريون ٿا، پنج هزار اسڪول بند ڪري پنج هزار استاد گهر ڀيڙا ڪري پنج هزار خاندان تباهه ڪندا لکين ٻارن جي تعليم تباهه ٿيندي،

اهو فيصلو واپس ورتو وڃي، نوان اسڪول ته نٿا کوليا وڃن ويتر 5 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن، جنهن تي علي رضا لکيو ته سيف وارا استادن کي 6 هزار پگهار ڏين ٿا جيڪا سراسر نا انصافي آهي. دولت رام لکيو ته حڪومت وڏي چالاڪي ڪئي آهي جيڪڏهن سڌي ريت پرائيويٽ ڪندا ته عوام رڙيون ڪندو، خميسو کوسو لکيو ته تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي. نوريزاڻي سجاد لکيو ته اسڪول به غير ضروري ٿيندا آهن ڇا؟ سردار شاهه پنج هزار اسڪول بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ممتاز بروهي لکيو ته اسڪول ۽ غير ضروري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، نقاش خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم وارو وزير چوي ٿو ته ھاڻ وڌيڪ اسڪول نه ٿا ھلائي سگھون، 5 ھزار اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،

جنهن تي محمد دلبر لغاري لکيو ته اصل ۾ اهي عوام کي پنهنجو غلام بڻائي رکڻ چاهين ٿا، نياز کوسو لکيو ته اهڙي اعلان جي مذمت ڪريون ٿا، غلام عباس لکيو ته اهڙي اعلان کي رد ڪريون ٿا، حسن علي خاصخيلي لکيو ته آئون ان راءِ جو آهيان ته غير فعال، اوطاقون، ڀانڊا، واڙا بڻيل اسڪول بند ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جي بجيٽ فعال اسڪولن تي لڳڻ گهرجي، جنهن سان تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي. نسيم اشرف لکيو ته بس ايندڙ وقت ۾ اعلان ڪندا ته مهانگائي جي ڪري تعليم بند ٿا ڪريون. گل حسن ابوپوٽو لکيو ته اسان جي ڳوٺ تلي ۾ 3 اسڪول پرائمري اسڪول محمد صادق، پرائمري اسڪول ڪريم بخش، پرائمري اسڪول الھداد ابوپوٽو بند آهن اهي کوليا وڃن.