سوال/سروي وفاق ۽ سنڌ سرڪار ذميوار قرار: پاڻي ورڇ ڪرڻ سوڌو نقصان جو ازالو ڪيو وڃي: عوام

0
265
سوال/سروي وفاق ۽ سنڌ سرڪار ذميوار قرار: پاڻي ورڇ ڪرڻ سوڌو نقصان جو ازالو ڪيو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي 2 ڪروڙ 60 لک ايڪڙ زمين مان رڳو 82 لک ايڪڙ آباد آهي باقي زمين غير آباد بڻجي وئي آهي، وفاق پاران اهڙي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق سان گڏ سنڌ سرڪار به ذميوار آهي، وفاقي حصي پاڻي جو پورو حصو نٿو ڏئي ۽ جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو وري صحيح ورڇ نٿو ٿئي ۽ پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي، پئسن عيوض پاڻي ڏنو وڃي ٿو، حڪومت پاڻي جي کوٽ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري،

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رزاق عاصي لکيو ته وفاق ۾ ڀلي پ پ هجي، ن ليگ يا هاڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي 91ع ٺاھه تي عمل ناهن ڪرائي سگهيون. پنجاب جو ظلم اهو آهي ته فلڊ لنڪ ڪئنال جيڪي ٻوڏ واري صورتحال ۾ وهائڻ گهرجن اهي غير قانوني طور وقت کان اڳ وهائي ٿو، سنڌ ۾ لاقانونيت جي ڪري منڍ ۾ وڏا زميندار پاڻي چوري ڪن ٿا جنهن جي پٺڀرائي سياسي ڌريون ڪن ٿيون. انڪري سنڌ غير آباد بڻجي رهي آهي. جيستائين قانون تي عمل ۽ پڇڙين تائين پاڻي نٿو پهچي اها صورتحال حال برقرار رهندي. گل حسن شر لکيو ته ٿيل نقصان وڃي کڏ ۾ پئي رڳو اڳتي لاءِ پورو پاڻي ملي پئي ته به صورتحال بھتر ٿي پوندي، خادم گهراڻو لکيو ته وفاق رپورٽ جاري ڪئي سنڌ جا فصل نه پيا ٿين زمينون بنجر آهن ان ۾ ڏوهه وفاق جو آهي جنهن نه منڍ کان پاڻي بند ڪيو آهي پاڻي حق پڇڙي وارن جو آهي،

سڪندر علي لکيو ته ذميوار سنڌ گورنمينٽ آهي پاڻي ورڇ صحيح نموني سان نٿي هلي رڳو ڪرپشن لڳي پئي جيڪو پئسا ڏي ٿو ان جو واٽر وڏو ڪيو وڃي ٿو باقي جيڪو دانهن ڪري ٿو ان جو واٽر سوڙھو ڪيو وڃي ٿو ڪير پڇڻ وارو ڪونهي. احسان مستوئي لکيو ته پاڻي جام آهي پر وفاق جي بيواجبن سبب پاڻي پاڻ تائين نٿو پهچي ان جو ذميوار به وفاق ئي آهي وفاق پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نه هنيو وڃي ته سنڌ نه سُڪندي،مڪيش ڀوراڻي لکيو ته وفاق ذميوار آھي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ان ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪلر ٿي وئي آهي. سميع الرحمان لکيو ته وفاق پاڻي جي کوٽ جو ذميوار آهي ۽ آبپاشي کاتي وارا پئسن عيوض پاڻي وڪڻن ٿا، بشير ميراڻي لکيو ته وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت ذميوار آهي،

نقصان جو ازالو سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي ڏيڻ گهرجي.مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اهي غير آباد زمينون ڪنھن امير وڏيري سردار پير جون نه بلڪي سنڌ جي غريب ماروئڙن جون ھونديون، منظور علي زرداري لکيو ته وفاق پاران سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، نعيم شر لکيو ته سنڌ صوبي سان سدائين هر مسئلي تي زيادتيون ٿيندي رهيون آهن سنڌ صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته جيترو ذميوار وفاق آهي اوترو ئي سنڌ سرڪار ذميوار آهي، سنڌ جي بااثر ماڻهن جون زمينون آباد آهن صرف غريب ماڻهن لاءِ پاڻي ناھي، ظفر رند لکيو ته وفاق، ارسا ذميوار آهن جيڪي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿا ڏين، مولائي اسد ماڇي لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، محرم کوسو به سروي ۾ حصو ورتو،

سمير احمد لکيو ته سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ٿيڻ گهرجن سنڌ صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، محمد حسن بلوچ لکيو ته سنڌ جي عوام سان زيادتيون وفاق کان وڌيڪ سنڌ حڪومت  ڪري رهي آهي، پئسن عيوض پاڻي ڏين ٿا، مخدوم منهال مڱريو لکيو ته ارسا ذميوار آهي جنهن پاران ورڇ صحيح نٿي ٿئي. ايس ڪي پهوڙ لکيو ته سنڌ مان پئسن عيوض پاڻي سسٽم کي ختم ڪرڻو پوندو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته وڏيرو نظام  ذميوار آهي انهي جو خاتمو ڪرڻو پوندو، جدا جاويد لکيو ته سنڌ ۾ زراعت ته پنهنجي جاءِ تي پر هتي لاش کي غسل ڏيڻ جيترو پاڻي به ماڻھن کي نٿو ملي، حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خاموش خليل شر لکيو ته وفاق سنڌ کي پورو پاڻي ڏيندو ته سنڌ جون بنجر زمينون آباد ٿينديون،نه ته سنڌ غير آباد سدائين رهندي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي،

وحيد ڄامڙو لکيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زمينون بنجر بڻجي ويون آھن سنڌ جي زراعت کي ڪروڙين روپين جو نقصان پھتو آھي، احمد علي ڪورائي لکيو ته سنڌ سرڪار ذميوار آهي، ايم ڪي چانڊيو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آھي جيڪا وفاق کان پنھنجي حصي جو پاڻي نٿي وٺي ۽ جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي وري سندن چونڊيل نمائندن جو قبضو آھي غريب ۽ ننڍنن زميندارن جي حصي جو پاڻي اھي زبردستي کنيون ٿا وڃن، وزير علي پنهور لکيو ته پاڻي ته جام آھي برساتون به جام پيون سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ملي، شاهد حسين لکيو ته پاڻي جي کوٽ جو ذميوار وفاق آھي جيڪو ٻارنھن ميھنا غيرقانوني طريقي سان ڊيلٽا سنڌو درياھ مان پاڻي چوري ڪري پنھنجا ڊيم ڀري ٿو،

جانب ڪٽوهر، خان بلوچ، امام الدين، صفدر هاليپوٽو، علي اڪبر چانڊيو، مجاهد رند، عبدالرحمان چانگ، جمال الدين چنا وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار سان گڏ وڏيرن کي به ذميوار قرار ڏنو، نثار لغاري لکيو ته هٿرادو طريقي پاڻي روڪي سنڌ جي زمين کي برباد ڪيو ويو آھي اها ماحولياتي دهشتگردي پڻ آھي سنڌ جو عام ماڻھو هن معاملي تي سجاڳ ٿيو ته حڪمران پاڻي جي پاليسي ٺاهيندا، مسرور شر، نياز سومرو، عيدل ڪنڀر ۽ ٻين پڻ وفاق سان گڏ سنڌ سرڪار کي به ذميوار قرار ڏنو.