اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان باهه سبب ٻن پورهيت ڀائرن جا گهر سڙي رک، 2 ٻڪريون ۽ 2 گڏهه به سڙي مري ويا، خبر موجب ٿر جي ڳوٺ ٻانٽاڙيو جي ڀيل پاڙي ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيت ڀائرن سروڻ ڀيل ۽ ڀڳڙو ڀيل جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، ٻاجهر، روڪ رقم، نياڻين جو ڏاج، کٽون، بسترا، سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، جڏهن ته بيٺل 2 گڏهه ۽ 2 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.