لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چار ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن مان پنجاب جي شهر ننڪانه صاحب ۾ بابا گرونانڪ جي 553 هين جنم ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ هندو، سک ۽ باگڙي برادري سان واسطو رکندڙ 1500 جي لڳ ڀڳ ياتري خصوصي ٽرين رواني ٿي هئي جيڪا ڪالهه پنجاب کان ٿيندي روهڙي جي رستي ياترين کي کڻي منجهند ڌاري لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر هڪ تي پهتي جتي اڳ ئي ياترين جي انتظار ۾ بيٺل سندن گهر ڀاتين، وارثن ۽ ويجهن مائٽن طرفان ياترين کي گلن جا هار پارائي سندس سان ڳلي ملي کين بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪري واپس اچڻ تي مبارڪون ڏنيون جنهن جا چهرا ٻهڪي پيا بعد ۾ ياتري پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. هوڏانهن ياترين کي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ بعد خصوصي ٽرين ٻيهر روهڙي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ٽريڪ تبديل ڪرڻ دوران اسٽيشن ڀرسان پنج سنگل وٽ پهتي جتي اوچتي بوگي نمبر 6 جا ٻه ڦيٿا ٽريڪ تان لهي ويا جتي ياترين جي غير موجودگي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ ٽرين ڪيترائي ڪلاڪ بيهجي وئي ۽ ڊرائيور توڙي ريلوي جو عملو معجزاڻي طور محفوظ رهيو. اهڙي واقعي بعد ڪيترائي شهري ٽرين کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پهتا جنهن تي ريلوي پوليس پهچي ٽرين جي چوڌاري سيڪيورٽي سنڀالي ورتي بعد ۾ ريلوي انتظاميه طرفان سکر ريلوي اسٽيشن مان ڪرين ۽ ماهر عملي کي گهرائي ٽرين جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان لاڙڪاڻو ريلوي جي انتظاميه رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ننڪانه صاحب مان واپس لاڙڪاڻي پهتل خصوصي ٽرين ياترين کي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ٽريڪ مٽائي رهي هئي ته پنج سنگل وٽ اوچتي بوگي نمبر 5 جا ٻه ڦيٿا پٽڙي تان لهي ويا آهن جنهن جي بحالي لاءِ سکر مان ڪرين ۽ ماهر عملي کي طلب ڪيو آهي تمام جلد ٽرين کي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويندو. هوڏانهن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ ٽرين کي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.