اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران خط لکڻ واري معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي

0
33
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران خط لکڻ واري معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران خط لکڻ واري معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران خط لکڻ واري معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججز جون متفقه تجويزون سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيون

ذريعن موجب تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي معاملن تي ڪنهن به قسم جي مداخلت تي اداري جي سطح تي ردعمل ٿيڻ گهرجي، سول جج، سيشن جج ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج ڪا به مداخلت رپورٽ ڪرڻ جا پابند هجن، تجويزن موجب 7 ڏينهن اندر مداخلت جي رپورٽ نه ڏيندڙ جج کي مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي

ذريعن موجب متفقه تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته سول جج ۽ سيشن جج مداخلت بابت هاءِ ڪورٽ جي انسپيڪشن جج کي آگاهه ڪن، انسپيڪشن جج مداخلت جو معاملو چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي علم ۾ آڻي

هاءِ ڪورٽ جي ايڊمنسٽريٽو ڪميٽي اهو حتمي فيصلو ڪري ته مداخلت جو معاملو انتظامي سطح تي ڏسڻو آهي يا عدالتي سطح تي، تجويزن موجب انتظامي ڪميٽي کي معاملو سنگيني جي حساب سان فل ڪورٽ ڏانهن به اماڻڻ گهرجي، هاءِ ڪورٽ اداري جي سطح تي اتفاق سان توهين عدالت جو پنهنجو اختيار استعمال ڪري سگهي