اربين رپين جون بي قاعدگيون ڇا ٿيون ثابت ڪن؟

0
267
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

چوڻي آهي ته “ نه گهٽتائي گهوٽ ۾ نه ڪمي منجهه ڪنوار”.اها چوڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سرڪاري ناڻي ۾ بي قاعدگين جي رپورٽن کي ڏسي انهن تي صفا ٺهڪي اچي ٿي.2018ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب ئي انهي نعري سان ٿي هئي ته اها ملڪ مان ڪرپشن کي ختم ڪري ڇڏيندي ،ڪرپشن ئي سڀني خرابين جي پاڙ آهي تنهن ڪري ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو سگهي ،جيستائين مٿين سطح تي ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين هيٺيئين سطح تي ان کي ختم ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.پي ٽي آءِ جو سڄي چونڊ مهم ۾ اڳوڻن حڪمرانن تي الزام ئي اهو هو ته اهي پاڻ ڪرپٽ آهن تنهن ڪري اهي ڪرپشن کي هٿي ڏين ٿا. جيڪا حڪومت ڪرپشن ختم ڪرڻ جي نعري سان اقتدار ۾ اچي ان ۾ ڪرپشن ختم ٿيڻ بدران رهندو وڌي وڃي ۽ روز ڪرپشن ۽ بدعنوانين جا رڪارڊ اسڪينڊل سامهون اچي رهيا هجن پر انهن تي ڪا ڪارروائي نه ٿيندي هجي ته پوءِ مخالفن جي انهي الزام کي هٿي ٿي ملي ته ڪرپشن جو الزام هڪ سياسي هٿيار طور استعمال ٿي رهيو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ موجوده وفاقي حڪومت جي ٻئي سال جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ 404 ارب رپين جون بي ضابطگيون ٿيون آهن،ناڻي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري مالي سال 20 -2019ع جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي جنهن مطابق وفاقي حڪومت جي سول خرچن ۾ 268 ارب 87 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بي قاعدگيون ۽ بي ضابطگيون ٿيون آهن جڏهن ته ناڻي وزارت ۾ 136 ارب رپيا، بين الصوبائي ۽ سڌ سماءُ جي وزارتن ۾ به 21 ،21 ارب رپين جون هيراڦيريون ٿيون آهن، اهي ته آڊٽ رپورٽون اهي آهن جن کي درست تسليم ڪري وفاقي حڪومت پاڻ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي. انهي کانسواءِ ٻين کاتن ۾ ڇا ڇا ٿي رهيو هوندو انهي جي اڃان تائين ڪا خبر چار ناهي .اها هڪ رپورٽ ظاهر ڪري رهي آهي ته شفافيت جي نعري سان ايندڙ حڪومت جي اکين آڏو ڪهڙي قسم جون بدعنوانيون ۽ بي قاعدگيون ٿي رهيون آهن. قصو رڳو وفاقي حڪومت جو ناهي اهڙي طرح صوبائي حڪومتن ۾ به ڪيترائي اسڪينڊل سامهون ايندا رهيا آهن جن تي سدائين ڍڪ رکي معاملا اڳتي وڌايا ويندا رهيا آهن پر انهن تي ڪارروائي نه ٿي سگهندي آهي. سنڌ جي 7 وزيرن ،صلاحڪارن ۽ خاص معاونن خلاف نيب ۾ ڪيتريون انڪوائريون ۽ ريفرنس هلي رهيا آهن ۽ انهن تي ڪروڙين اربين رپين جا اثاثا ٺاهڻ جا الزام آهن .ظاهر آهي اها سموري رقم عوام جي ٽئڪس مان ئي عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ٿيڻي هئي جنهن جو فائدو عوام بدران ڪجهه مخصوص ماڻهن کي ٿي رهيو آهي ۽ عوام سهولتن کان محروم آهي،جڏهن وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪاروهنوار جا اهي مثال هجن ته باقي صوبا به ان بي قاعدگي کان بچيل ناهن،اسان وٽ ڪرپشن خلاف ڪارروائي واقعي هڪڙي سياسي هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي جيڪڏهن نيڪ نيتي سان ڪرپشن خلاف ڪم ٿئي ها ته اها بنهه ختم نه ته به گهٽ ضرور ٿئي ها ،ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ان پارٽي جي حڪومت آهي جنهن جو نعرو ئي ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ هو.
اسان سمجهون ٿا ته مٿان کان ڪرپشن ختم ڪرڻ کانسواءِ هيٺ ڪرپشن ختم ٿي ئي نه ٿي سگهي، هونئن به هڪ چوڻي آهي ته مڇي مٿان کان سڙڻ شروع ٿيندي آهي، مطلب خرابي پهرين مٿان شروع ٿيندي آهي ۽ پوءِ اها آهستي آهستي هيٺ لهندي آهي.جيڪڏهن وفاقي حڪومت جي کاتن ۾ اربين رپين جون بي قاعدگيون ٿينديون هونديون ته صوبا انهي بيماري کان ڪيئن بچي سگهندا ،تنهن ڪري ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي نالي سان اقتدار ۾ آيل پارٽي کي پنهنجي ڪارڪردگي تي وري ويچارڻ گهرجي ۽ کاتن ۾ هر حال ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن نه ته عوام واقعي مخالفن جي ان ڳالهه کي سچي سمجهندو ته ڪرپشن جو نعرو هڪ سياسي هٿيار آهي جيڪو رڳو مخالفن خلاف استعمال ٿي رهيو آهي.