سنڌ۾ 2ڪروڙ94 لک سنڌي ڳالهائيندڙ، اردو ٻئي ۽ پشتو ٽئين نمبر تي موجود: ڊويزن سطح تي تفصيل جاري

0
756
سنڌ سوڌو پوري ملڪ

اسلام آباد: شماريات کاتي سنڌ صوبي ۾ ڊويزن وار مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 آبادي رکندڙ سنڌ صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد 2 ڪروڙ 94 لک 76 هزار 764، ٻئي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙن جو 87 لک 7714، ٽئين نمبر تي پشتو ڳالهائيندڙ 26 لک 13 هزار 790، چوٿين نمبر تي پنجابي ڳالهائيندڙجو تعداد 25 لک 42 هزار 913 آهي. پنجين نمبر تي سرائيڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد 10 لک 67 هزار 751 ان بعد بلوچي ڳالهائيندڙ 9 لک 56 هزار، هندڪو ڳالهائيندڙ 7 لک 53 هزار، بروهي ڳالهائيندڙ 3 لک 50 هزار ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 3 لک 15 هزار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حيدرآباد ڊويزن ۾ هڪ ڪروڙ 5 لک 96 هزار آبادي مان پهرين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو، ٽئين نمبر تي پشتو ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪراچي جي هڪ ڪروڙ 60 لک آبادي ۾ پهرئين نمبر تي اردو، ٻئي تي پشتو، ٽئين تي پنجابي ۽ چوٿين نمبر تي سنڌي، پنجين نمبر تي بلوچي، ڇهين نمبر تي هندڪو ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي 61 لک 90 هزار آبادي ۾ سنڌي سڀ کان وڌيڪ، ٻئي نمبر تي بلوچي، ٽئين نمبر تي بروهي، ميرپورخاص ڊويزن جي 42 لک آبادي ۾ پهرئين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو، ٽئين نمبر تي پنجابي، شهيد بينظيرآباد ڊويزن 52 لک 75 هزار آبادي ۾ پهرئين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو ۽ ٽئين نمبر تي پنجابي، سکر ڊويزن ۾ پهرئين نمبر تي سنڌي، ٻئي تي اردو ۽ ٽئين نمبر تي پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ موجود آهن.