عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جو جائزه مشن پاڪستان پهچي ويو

0
162
آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي جو طوفان به تيار
آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي جو طوفان به تيار

عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جو جائزه مشن پاڪستان پهچي ويو، ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان آءِ ايم ايف وفد جي تعارفي گڏجاڻي

 ذريعن موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر جي اختيارين به آءِ ايم ايف جي وفد سان تعارفي ملاقات ڪئي، آءِ ايم ايف جي وفد پاران معاشي ٽيم جي قدمن جي واکاڻ ڪئي وئي

 ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته قرض واري پروگرام تحت سمورن هدفن تي عمل ٿي رهيو آهي، اقتصادي جائزي تائين آءِ ايم ايف جي سمورن شرطن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي

 آءِ ايم ايف جو وفد ٻن هفتن جي دوري دوران ناڻي، توانائي ۽ ٻين وزارتن ريگوليٽري ادارن سان گڏجاڻيون ڪندو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين دوران پاڪستان کي پرڏيهي فنانسنگ بابت پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي آهي، آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪرنسي ايڪسچينج جي معاملي تي به اختلاف موجود آهن

ذريعن موجب  ايف بي آر آڪٽوبر تائين ٽئڪس اوڳاڙين لاءِ طئه هدف کان 66 ارب رپيا وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙي ڪري ورتي، آءِ ايم ايف وفدپاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالرز جي ايندڙ قسط ڏيڻ لاءِ سفارش ڪندو