اسلام آباد(بيورورپورٽ) سينيٽ مظلوم فلسطينين سان ايڪتا جي اظهار لاءِ قرارداد يڪراءِ منظور ڪري ورتي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هولوڪاسٽ بعد ڪنهن رياست اهڙو قتل عام ۽ جنگي ڏوهه نه ڪيا آهن. قرارداد ن ليگ جي سينيٽر اسحاق ڊار پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو ته هولوڪاسٽ کانپوءِ ڪنهن رياست اهڙو قتل عام ۽ جنگي ڏوهه نه ڪيو آهي. ٺهراءِ ۾ فوري جنگبندي، غزه جي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسرائيل جي حميات ڪندڙ ملڪن کي ان ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام سان گڏ رهيو آهي ۽ آئنده به رهندو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته مسلمان امت ڪٿي به نظر نه پئي اچي اسان سفارتي محاذ تي ڪجهه به نه پيا ڪري سگهون. سينيٽر حافظ عبدالڪريم عربي ۾ تقرير ڪري فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته سينيٽر بهره مند تنگي چيو ته فلسطين لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪرڻ جي ضرورت آهي.