اينٽي ڪرپشن ۾ مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنس لاءِ سکيا ورتل آفيسرن کي زونن ۾ مقرر ڪرڻ جو انڪشاف

0
123
اينٽي ڪرپشن ۾ مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنس لاءِ سکيا ورتل آفيسرن کي زونن ۾ مقرر ڪرڻ جو انڪشاف
اينٽي ڪرپشن ۾ مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنس لاءِ سکيا ورتل آفيسرن کي زونن ۾ مقرر ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ انڌيرنگري برقرار، 2 سال اڳ اينٽي ڪرپشن ۾ مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس واري قائم ڪيل 3 پوسٽن تي مقرري لاءِ سکيا ورتل 18هين گريڊ جي ٽن آفيسرن کي مقرر ڪرڻ بجاءِ کين مختلف زونن ۾ مقرر ڪرڻ جو انڪشاف

ليگل سائيڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي وري مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس سکر واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو! اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 18هين گريڊ واري 12 پوسٽن تي کاتي جي آفيسرن ۽ ڊيپوٽيشن تي مقررين واري 50_50 سيڪڙو مختص ڪوٽا به نظرانداز، ڊيپوٽيشن وارا آفيسر مختص ڪوٽا کان به وڌيڪ پوسٽن تي مقرر ٿيل! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ نئون چيئرمين مقرر ٿيڻ باوجود به انڌيرنگري برقرار آهي

2 سال اڳ تڏهوڪي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھه جي منظوري بعد اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ فيلڊ آفيسرن جي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ريجن ۾ 18هين گريڊ جون 3 “مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس” واريون پوسٽون پيدا ڪيون ويون هيون، جنهن لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران لکين روپيا خرچ ڪري کاتي جي 3 آفيسرن وحيد ڪلوڙ، صوفي حفيظ چاچڙ ۽ عمران ڏاوچ کي اسلام آباد مان ٽريننگ ڏياري وئي هئي پر هن وقت مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس جي سکيا وٺندڙ هڪ آفيسر صوفي حفيظ چاچڙ جون خدمتون ايف آءِ اي حوالي ٿيل آهن ۽ عمران ڏاوچ پنهنجي سکيا واري پوسٽ تي مقرر هجڻ بجاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد مقرر ٿيل آهي ۽ کيس ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرپورخاص جي اضافي ذميواري به مليل آهي

اهڙي طرح ٽريننگ يافته مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس آفيسر  وحيد ڪلوڙ ڊي ڊي مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس ڪراچي طور مقرر ٿيل آهي ۽ کيس ڊي ڊي مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس حيدرآباد جي اضافي چارج به مليل آهي، اهڙي طرح سکر ۾ وري ڊي ڊي مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس طور ويهاريل 18هين گريڊ جو اشرف سومرو وري اينٽي ڪرپشن جي ليگل سائيڊ جو آفيسر آهي پر کيس بنا سکيا جي ڊي ڊي مانيٽرنگ اينڊ انٽيليجنٽس طور ويهاريو ويو آهي

اهڙي طرح مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر واري مجموعي طور تي 12 پوسٽن لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسرن جي مقرري ۽ ٻين کاتن کان ڊيپوٽيشن تي ايندڙ آفيسرن جي مقرري واري ڪوٽا 50_50 سيڪڙو تائين مختص ٿيل آهي پر اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسرن کي نظر انداز ڪري ڊيپوٽيشن تي ايندڙ آفيسرن تي وڌيڪ نوازش ڪندي کين 18هين گريڊ جي پوسٽن تي مختص ڪوٽا کان به وڌيڪ حصو ڏنو ويو آهي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڊي ڊي هيڊ ڪوارٽر ون عبدالقادر سومرو، ڊي ڊي هيڊ ڪوارٽر 2 خادم راڄپر ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر فاروق بگٽي، ڊي ڊي ايسٽ اطهر مغل، ڊي ڊي ليگل خادم ٻرڙو، ڊي ڊي لاڙڪاڻو غلام سرور ابڙو ۽ ڊي ڊي سکر شرجيل چنا ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آهن. واضح رهي ته ڊيپوٽيشن جي مختص ڪوٽا تحت ڊيپوٽيشن وارن آفيسرن کي 12 مان 6 پوسٽن تي مقرر ڪرڻو آهي پر ڊيپوٽيشن وارا 7 پوسٽن تي مقرر ٿيل آهن