برطانيا جا مثال ٿا ڏين ۽ پاڻ عدالتن جو احترام نه ٿا ڪن: عدالت

0
171
برطانيا جا مثال ٿا ڏين

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج هڪ ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته برطانيا جا مثال ٿا ڏين ۽ پاڻ عدالتن جو احترام نه ٿا ڪن

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ۾ پيشي جي وقت عدالت جو احترام نه ڪيو ويو، پاڻ سان گڏ غنڊا ۽ بدمعاش به عدالت ۾ وٺي ٿا اچن

اي ٽي سي جي جج وڌيڪ چيو ته هڪ سال جي پيشي تي آيا ۽ پاڻ سان ٻن سالن جون پيشيون ڪري هليا ويا، هاڻي هڪ سال وڌيڪ مون کي ٻڌڻين ۾ مصروف هوندا، مون وٽ هن معاملي جا سمورا سي سي ٽي وي فٽيج موجود آهن

جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه واري معاملي جو رمنا ٿاڻي تي عمران خان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

غيرملڪي ايجنسي پيشي تي عمران خان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي: بابر اعواڻ