هاڻي سنڌ ۾ گورننس جو ‘پروفائل’ تبديل ٿيڻ گهرجي!

0
59
سنڌ ۾ تعليم جي ڳنڀير صورتحال
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي حلف کڻڻ کانپوءِ ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ جو عمل پڻ تڪميل تي پهتو ۽ سيد مراد علي شاهه کي وڏي وزير جي منصب لاءِ اعتماد جو اظهار ڪندي چونڊيو ويو. اهڙي نموني سان مراد علي شاهه ان اهم انتظامي عهدي تي چونڊجڻ واري ‘هيٽ ٽرڪ’ پوري ڪري ورتي آهي. توڙي جو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لڳاتار 15 سالن تائين اقتدار ۾ رهي آهي پر ان عرصي دوران سنڌ ڪيتري ترقي ڪئي، عوام کي ڪيتري خوشحالي پلئه پئي، گورننس جو پروفائل ۽ معيار ڪهڙو رهيو، اها سموري ڳالهه اظهر من الشمس آهي. پر ان جي باوجود به جڏهن پيپلز پارٽي کي عوام خدمت جو مينڊيٽ ڏنو آهي ته ان موقعي مان فائدو وٺي پيپلز پارٽي کي به گورننس جي پروفائل جي تبديليءَ لاءِ پنهنجون بهتر صلاحيتون استعمال ڪرڻيون پونديون.

گورننس، ادارن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو نالو آهي ۽ گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ ادارن جي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي آهي ۽ ان سان گورننس جو پروفائل ڪهڙو جڙيو آهي، اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي عوام طرفان مليل ان موقعي کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪري عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته حڪمراني دلپشوريءَ جو نالو نه آهي پر حڪمراني عوام جي خدمت کي چيو وڃي ٿو. جمهوريت جي نالي ۾ بادشاهي ناهي هلندي. اسان گورننس جي پروفائل جي تبديليءَ تي زور ان ڪري پيا ڏيون ته هن ڀيري پنجاب ۾ وڏ وزارت جي منصب تي ملڪي تاريخ جي پهرين عورت وزيرِ اعليٰ مريم نواز چونڊجي آئي آهي ۽ يقينن پنجاب ۾ پنهنجي ووٽ بينڪ کي بچائڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ هن جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن جي حوالي سان نظر ايئن ٿو اچي ته انهن تي عمل لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ٿيندو ۽ وڏي ڳالهه اها ته مرڪز ۾ به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هجڻ جي ڪري مريم نواز کي اتان به ڀرپور تعاون ملندو ۽ ان جو ڪم سهل ٿيندو. پيپلز پارٽيءَ کي به پنجاب ۾ گورننس واري پروفائل کان بهتر پروفائل نه به سهي، ته به ان جهڙو پروفائل ضرور جوڙڻو پوندو، ڇو ته هينئر گورننس جي حوالي سان سڌيءَ ريت مقابلو آهي. پيپلز پارٽيءَ کي مرڪز ۾ وزارت عظميٰ وارو منصب ته ملي نه سگهيو، ان ڪري سنڌ ۾ پنهنجي پاور بيس کي بچائڻو آهي ۽ اهو صرف ۽ صرف تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن عوام جي بهتر خدمت ڪئي ويندي ۽ سنڌ ۾ ترقيءَ جا بهتر مثال قائم ڪيا ويندا. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي واري حڪمرانيءَ دوران سنڌ برساتن ۽ دريائي ٻوڏ کي ڀوڳيو ۽ وڏي تباهي ڏٺي. توڙي جو قدرتي آفتون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اينديون آهن پر اتي جي انتظاميا ۽ حڪومتون بهتر انتظامن سان عوام لاءِ انهن آفتن جي اهنجن ۽ هاڃيڪار اثرن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن پر جي جان جي امان ملي ته اها چوڻ جي جسارت ڪريون ته 2010ع کان وٺي 2022ع تائين آيل ٻوڏن دوران سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي پر بحاليءَ وارن قدمن ڏانهن ڏسجي ته هر ٻوڏ ۾ تباهيءَ جو تسلسل اتان ئي شروع ٿيو ٿي، جتي گذريل ٻوڏ ڇڏيو ٿي. ڪيترن ئي هنڌن تي 2010ع واري ٻوڏ دوران آيل تباهيءَ جو پڻ تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي.

هن ڀيري پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيئن ته پنهنجي چونڊ مهم دوران عوام سان بهتر گورننس جا واعدا ڪيا آهن، تنهنڪري انهن واعدن تي به عمل ٿيڻ گهرجي. ان کانسواءِ روڊ رستا، انفراسٽرڪچر تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. تعليم ۽ صحت کي اوليت تي رکڻو پوندو. سنڌ بدر ڪيل ميرٽ کي موٽائي آڻڻو پوندو. پيپلز پارٽي قيادت کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عوام سان جيڪڏهن ڪيل واعدا پورا نه ٿيا ته عوام جي مزاج جي موسم به بدلجندي دير ناهي ڪندي. عوام جڏهن خدمت جو مينڊيٽ پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو آهي ته ان کي پڻ ان مينڊيٽ جو ڀرم رکڻو پوندو ۽ حڪمرانيءَ جو ان نئين مدي ۾ اهڙو مثال قائم ڪرڻو پوندو جو عوام بي ساخته اهو چئي ته، “فرق صاف ظاهر آهي.”