سنڌ مري رھي آھي!‎

 

اڄ سنڌ کي ماري رھيا آھن، ھدايت کي ماريو ويو، ڄڻ سنڌ کي ماريو ويو، سڀاڻي مون کي ماريو ويندو پوءِ مون کان پوءِ توھان جو وارو آھي ۽ ان کان پوءِ سڄي سنڌ کي ھڪ ھڪ ڪري ماريو ويندو، ٿيندو ڪجھ به ڪونه وڌ کان وڌ ٻه يا ٽي ڏينهن روڊ تي ھونداسين پوءِ وري ساڳيا ھونداسين، اسان سنڌي قوم سڌرڻ جو ته نالو ڪونه ٿا وٺون سڄو ڏينهن ھوٽلن تي ويٺا آھيو، ھڪ ٻئي جون گلائون ڪنداسون، جھڙو ڪنداسون بنا دعوت ڀت تي آيو آھين، ان ٿوري ڳالھ تي بندوقون ۽ لٺيون کڻي وڙھندا رھندا آهيون، مجال آهي جو ڌارئي ڪنھن تي ڪو ھٿ کڻي آتي چُپ ڪري گھر ۾ ڪڪڙ ٿيا ويٺا هوندا آهيون، باقي سنڌ جي لاءِ آواز اٿارڻ واري کي روڪيو ويندو پاڻ ته گونگا آھيون ٻيو ڪو آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اُن کي چُپ ڪرايو ويندو آھي نه روڊن تي ٿا نڪرن نه آواز ٿا اُٿارين، ھر روز سنڌ کي ڌاريا فري ماري لٽي رھيا آھن، ڪو اھڙو ڏينهن ئي نه آھي جو سنڌ جو ھر ڏينهن لاش نه ڏسون، ھر روز ھر ڏينهن ھر مھيني ھر سال افغاني پناهگير ۽ ٻين ملڪن جا ماڻھو سنڌ ۾ داخل ٿيندا پيا وڃن، ڌاريا قابض ٿيندا پيا وڃن،روزگار ڦٻائيندا پيا وڃن، اسان فردن فردن ماريا وينداسين، سردار چپ!، ڀوتار چپ، سرڪار چپ! ۽ اسان به چپ! سردار ڀوتار ۽ سرڪار کي ته پنھنجي حصي جو مال ملي رھيو آھي، توھان کي ڇا ٿو ملي جو توھان سنڌ جي لاءِ آواز بلند نه ٿا ڪيو؟ ٻڏون به اسان بي گھر بي اسان ٿيون لاش به اسان کي ملن، روزگار به اسان کان ڦرين، نوڪريون به پئيسن تي وڪرو ڪري رهيا آهن، سنڌ کي مارين به، سردار ڀوتار ۽ سرڪار، تڏھن به اسان چُپ، ھن ڪوڙي سرڪار جي خلاف الائي ڪڏھن آواز اٿارينداسين؟ سنڌ ۾ شعور الائي ڪھڙي ڏينھن ايندو؟

 

محسن علي ٿھيم/ ٽنڊوآدم

 

سنڌ، ڪوڙ چوان ته پت وڃايان؟

 

ڪوڙ چوان ته پت وڃايان، هي بيت اسان ننڍي هوندي کان پڙھندا ٻڌندا آيا آھيون ۽ هن وقت ٻڌڻ ۾ ته اچي ٿو ڪڏهن ڪڏهن باقي پڙهن ڪو نه ٿا، خبر ناهي الائي ڪهڙن سببن جي ڪري هاڻي اهي سبق جيڪي ماڻھو کي اخلاقيات سيکاريندا هئا سي سماجي اخلاقيات مان ته وڃن پيا ميساربا پر هاڻي ته مٿي بيان ڪيل بيت ته “ڪوڙ چوان ته پاڻ لڄايان” جهڙو بيت مورڳو نصاب مان ئي ڪڍيو ويو آھي. سنڌ پنهنجي نگرانن جي هوندي ننڌڻڪي رهي، سنڌ نگرانن جي هوندي نيلام ٿيڻ جو شڪار رهي. اي سنڌ تي ايندڙ امڪاني ۽ يقيني حڪمرانون؟ اهو ٻڌي ڇڏيو، سنڌ جو انچ انچ ڏکن سان ڀريو پيو آھي، سنڌ جو مسڪين عوام ڏک ڏوجهڙا ڏسي ڏسي هاڻي ڄڻ ته بدتر حڪمرانن ۽ ڪرپٽ ڪامورا شاهيءَ جي ڏنل ڏنڀن کان بيزار ٿي سوچڻ تي مجبور ٿي پيو آھي، ان جي ڪري جيڪڏهن ڪو پاڻ کي حڪمران ٿيڻ لاءِ سوچي سنڌ جي عوامي خدمت عيوض سنڌ جي اقتداري منصب تي اچي پاڻ کي وڏو خدمتگار سمجهي وڏو وزير ٿئي ٿو ته پوءِ سوچي اچي ته هن کي ويهي پنهنجي انگلن ۽ عوام دشمن پاليسين کان مٿانهون ٿي سوچڻو پوندو. سنڌ جو عوامي مينڊيٽ ڪيئن به مليو آھي، ڪيترو به مليو آھي، اهو توهان کي مليو آھي. سوچي سمجهي ان عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي سنڌ جي عوام جي اهنجن جو ڀرجهلو ٿيڻو پوندو. اڄ جي سنڌ سوچي ٿي ته اسان مٿان لاڳيتو پيپلز پارٽيءَ جي چوٿين ڀيرو حڪومت اچي پئي پر ماضي قريب تائين بلڪه ڏنل نگرانن جي گذريل ڪلهوڪي ڏينهن تائين سک ناهي ملي سگهيو، جي ڪو مليو آھي ته مهرباني ڪري عوام سامهون ان کي بيان ڪيو، سنڌ جو چوٿون ڀيرو مليل عوامي مينڊيٽ هاڻي عوامي خدمت ۾ بدلڻ کپي. سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڪيسن جا قصا ٻڌي ٻڌي اها ڪرپٽ مافيا ڀلي حڪمران طبقي مان هجي، سياستدان يا ڪرپٽ سول بيورو ڪريسيءَ مان هجي، هاڻي ٿڪجي پئي آھي، سو اچو ته ايندڙ نئين سنڌ جي چونڊيل وڏي وزير لاءِ اهو ٻڌو ته هو ڪرپشن جي ڪيسن ته ڇا پر الزامن کان به مٿانهون ڪردار هوندو؟ سنڌ جو نئون ايندڙ وڏو وزير بلڪل به پنهنجي سياسي، عوامي توڙي ماضيءَ ۾ ڪنهن عهدي تي هجڻ باوجود ڪرپشن جي الزامن جهڙي معاملن کان به مٿانهون هوندو. سنڌ ۾ اليڪشن کان پوءِ هن وقت تائين جيڪي نالا وڏي وزير ٿيڻ لاءِ ٻڌا آهن انهن کي ماضيءَ ۾ وڃي سوچي ٿي ته سندن وزارتن کي هلائڻ مهل ڪردار ڪو بهتر عوامي خدمت ۽ ادارتي ڀلائيءَ وارو تاثر قائم ناهي ڪري سگهي! ان جي ڪري عوام هن وقت ايندڙ حڪمران ڌر جي قيادت کان سوال ڪرڻ جو حق رکي ٿيو ته هاڻي سنڌ جو عوام گهڻين تڪليف سهڻ جي لائق ناهي، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ڪو به ڪرپٽ ته پري جنهن تي ڪيس هلندا هجن يا ڪرپشن جي الزامن جي زد ۾ هجي سو گهٽ ۾گهٽ سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ مناسب ۽ موزون نه ٿيندو. ان ڪري عوامي اهنجن ۽ سنڌ جي ادارتي ڪرپشن کان ويندي ڀڃ ڊاھ جو ڪو بهتر حل کڻي ايندڙ ڪردار هجڻ ضروري ٿي پيو آھي. سو اچو ته سنڌ جو عوامي منڊيٽ کڻي ايندڙ معزز صوبائي اسيمبلي ميمبر صاحبو، هڪ عزم ڪريون ته هاڻ سنڌ جي عوامي لٽمار جو ازالو ٿيندو. هاڻي سنڌ مٿان ڪڙڪندڙ هر هڪ ڪرپشن جي ڪيس جو مڙس ٿي اسيمبلي فلور تي مقابلو پڻ ڪبو. اچو ته ايندڙ اسيمبلي ميمبر صاحبو ۽ حڪمران حضرات گڏجي هڪ عزم ڪيون ته (جو ڪوڙ چوي سو پت وڃائي، هتي هتي پڻ پاڻ لڄائي) وري اصول تي برقرار رهندي سنڌ جي عوام ۽ ڌرتيءَ جي هڪ حلالي پٽ طور هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

صحرا ۾ سورن جو سيلاب!

 

ملڪي نمائندن ۽ محافظن ملڪي جي حالت ٻاهرين دشمن کان به ويتر خراب ڪري ڇڏي آهي ۽ آزادي کان وٺي هن هلندر وقت تائين هارين ۽ مزدورن ڪڏهن به هن ملڪ ۾ سک جو ساھ ناهي کنيو، اقتداري نمائندا ڪرسين جو غلط استعمال ڪري قومي حقن کي هڙپ ڪري رهيا آهن ۽ انهن ئي مزدورن ۽ هارين جي حقن تي عياشيون ڪري هڏ ڏوکي هجڻ جون دعوائون ڪري انهن مسڪينن سان هميشه دغائونن ئي ڪيون آهن، هنن ملڪ جي عوام کي معاشي حوالي سان ايڏو ته تنگ ڪري ڇڏيو آهي جو عوام وٽ سڀ اختيار هوندي به اهو ڪجھ نه پيو ڪري سگهي، ڪڏهن ٿر جا ٻار اڃ ۽ بُک وگهي ٿا مرن ته ڪڏهن گهوٽ موڙ بدران ڪفن ٿا ٻڌن، ته ڪڏهن وري وطن دوست استادن ۽ مستقبل جي معمار شاگردن کي سرعام ماريو ٿو وڃي. ڇا اهي سڀئي سور ۽ دستور رڳو ۽ رڳو سنڌين ۽ بلوچن لاءِ تخليق ڪيا ويا آهن؟ جتي به قانون جي بالادستي آهي، اتي انساني حقن کي پامال ناهي ڪيو ويندو پر سنڌ جون سورٺون سڀئي سور پنهنجي تَن تي وسائي ان ئي بالادست قانون کان انصاف جي گهر ڪري رهيون آهن. سنڌ جي سسئين جون اکيون هميشه انتظارن ۾ رهيون آهن، ڪڏهن ڀائرن جو انتظار ڪنديون آهن ته ڪڏهن موڙ ٻڌل گهوٽن جو انتظار پيون ڪنديون آهن، اهي اداس اکيون ساھ سان جڙيل احساسن جي آسري ۾ ئي اجهامي وينديون آهن پر قانون طرفان کين انصاف ناهي ملندو.

 

شهزاد علي زنئور/ميرپور بٺورو، سجاول

 

جيڪب آباد کي يونيورسٽي ڏيو!

 

“تعليم حاصل ڪيو، چاھي توھان کي چين ڇونه وڃڻو پوي.” تعليم حاصل ڪرڻ ھر مرد ۽ عورت جو برابر فرض آھي، چوندا آھن ته تعليم انسان جي ٽين اک آھي، جيڪو انسان کي ماڻھو مان انسان بڻائي ٿو. دنيا ۾ موجود تمام ملڪ پنھنجي عوام کي گھڻي کان گھڻي تعليم مفت فراهم ڪندا آھن ۽ پنھنجي شاگردن کي جديد تعليم مهيا ڪري ڏيندا آھن ڇو ته جديد دور ۾ ھٿيارن بجاءِ تعليم سان مقابلو ڪيو ويندو، جيئن دنيا جا سڌيل ملڪن جا شاگرد آرٽيفيشل انٽيليجنس، چيٽ جي پي ٽي، گوگل برڊ، يوٽيوب وغيره جھڙن ادارن تي مھارت حاصل ڪري رھيا آھن ۽ اتي ھر ماڻھو ڪجھ نه ڪجھ ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ھوندا آھن پر ان جي برعڪس اسان جي ملڪ پاڪستان جنھن ۾ يونيورسٽين کا وڌيڪ درگاهون آھن پر دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان جي اڳواڻن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، آئون سنڌ صوبي جي ڳالھ ڪندس ته ڪٿي ھڪ ئي شھر ڄامشوري ۾ ٽي يونيورسٽي موجود آهن ته اتي جيڪب آباد جھڙي جڳ مشهور شھر ۾ وري ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن. جيڪب آباد ۾ ڊگري ڪاليج پڻ موجود آھي پر اسان شاگردن جو عوامي نمائندن کان گذارش آھي ته مھرباني ڪري جيڪب آباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرائي وڃي ته جيئن جيڪب آباد جي ڳوٺن جا رهواسي پڙهيل لکيل نوجوان جيڪي معيشيت جي ڪمتري ۽ ڪمزوريءَ جي ڪري قومي جھيڙن جي ڪري، تعليم مڪمل نه ڪري سگهندا آھن ۽ ھتي يونيورسٽي جي موجودگيءَ جي ڪري جيئن اھي اعليٰ تعليم پرائي سگهن، اهي شعور حاصل ڪري سگھن، جنھن ۾ اول ته امن امان قائم ٿيندو، ننڍي عمر ۾ شاديون نه ٿينديون، جيڪي ھن وقت عام رواج بڻيل آهن، جيڪب آباد شھر کي يونيورسٽي جي ضرورت ايئن آھي جيئن اڃايل کي پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي، اسان شاگردن جو عوامي نمائندن کي عرض آهي ته خدارا پنهنجي رعايا کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي منظور ڪرائي وڃي ۽ پبلڪ لائبريريون ٺاھيون وڃن، جتي جيڪب آباد جا شاگرد پنھنجو قيمتي وقت بچائي تعليم حاصل ڪري پنھنجي خاندان لاءِ مثال بڻجي سگھن.

 

ثناءُالله جکراڻي/ڳوٺ علي شير جکراڻي

 

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو ختم ڪيو وڃي!

 

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو رشوت ۽ ڪرپشن جي ڪري پهريان ئي بدنام ٿي چڪو هو پر تازو 15 فبروريءِ کان سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتيءِ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اداري طرفان جيڪي امتحان شروع ڪيا ويا، اهي پهرين ڏينهن کان ئي اهي چوٻول هلي رهيا هئا ته صبح جو ٿيندڙ پيپر رات جو ئي ليڪ ٿي آئوٽ ڪري ڳري رشوت عيوض من پسن اميدوارن کي ڏنو ويو، آخرڪار اها ڳالھ 20 فيبروري واري پيپر ۾ ثابت ٿي ويو آهي ۽ پيپر آئوٽ ٿيڻ جا ثبوت به ڌرين کي ملي ويا آهن ۽ هن اداري جي نااهلي پڻ سڀني جي سامهون ثابت ٿي وئي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا 8 ملازم به ان ڏوھ ۾ معطل ڪيا ويا آهن، اسان جو وس وارن کان اهو ئي مطالبو آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو هڪ ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آھي، بهتر اهو آھي ته هن اداري کي ختم ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارا امتحان آءِ بي اي معرفت ڪرايا ۽ ورتا وڃن، ان سان گڏ لکت جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ جيڪو زباني امتحان ورتو ويندو آھي ان کي پڻ ختم ڪيو وڃي، ڇو ته زباني امتحان ۾ ميرٽ جي گهڻي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي.

 

محمد اسلم سومرو/ ٺري ميرواھ

 

قبضاخور مافيا اخبارن تي به قبضا ڪرڻ لڳي!

 

سنڌ جي ھڪ قديم شهر ڊکڻ مان محترم مشتاق بخاري جي سرواڻي ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار تي اظھار جي آزاديءَ مٿان اخباري ڌاڙو هڻڻ جي مذمت ڪجي ٿي. اخبار تي داداگيري سان قبضو ڪندڙ موصوف کي اخبار شايع ڪرائڻ جو شونقڙو پيدا ٿيو آھي ته کيس پنهنجي طرفان نئين نالي سان اخبار شايع ڪرائڻ جي صلاح ڏجي ٿي، اخبار مٿان قبضو ڪري يرغمال وارين خبرن تي اخبار جا پڙهندڙ توڙي معزز ڪالم ليکڪ ۽ شاعرن پاران اھڙي قبضاگيري جي مخالفت ٿيندي ڏسجي ٿي. نه چيو آهي ته “اسان مشتاق صاحب جي خدمتن جي ساراهه ڪندي ان سان گڏ بيٺل رھنداسين.” ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، اطلاعات کاتو سنڌ، سيشن جج صاحب، ھاءِڪورٽ سنڌ، سکر، صحافتي تنظيمن، پريس ڪلبن کي محترم مشتاق بخاري (جيڪو اخبار جو سرواڻ آھي) سان انصاف ڪندي ساٿ ڏيڻ لاءِ رابطو ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي. آخر ۾ اخبار جي مقبوليت کي ڏسندي اظهار جي آزادي جي رستا روڪ ڪندي قبضو ڪندڙن کي مقامي پريس ڪلب تي اچي پنهنجي غلطي تسليم ڪري عزت ڀريو ٺاهه ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي.

 

منظور ڪالرو/ قاسم آباد

 

سائينداد ساند جو اوچتو وڇوڙو!‎

 

سنڌ ڌرتيءَ ڪيترن ئي امر انسانن کي جنم پي ڏنو آهي، جن سنڌ جي خدمت ھر طرح سان ڪري پنھنجو نالو ڪمايو آهي. انھن امر ڪردارن ۾ ٿر جي نالي واري خوبصورت تخليقڪار شاعر سائين سائينداد ساند جو نالو سرفهرست آهي، سائينداد ساند جي شاعريءَ ۾ڪافي درد نظر ايندو آھي، سندس لفظن کي جڏھن به جھونگارجي ٿو يا لکجي ٿو ته روح جا لڱ به ڪانڊارجي ٿا وڃن، سائين سائينداد ساند جا ڪيترائي گيت، غزل، ھتان جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي ۽ سندس ڳايل ڪلامن تي شھرت حاصل ٿي، ان جو سبب سائين سائينداد جا لکيل اھي امر لفظ ھئا جيڪي جھونگاري سنڌي قوم اڄ سوڳوار بڻيل آھي، سنڌ جو ھي خوبصورت تخليقڪار سائين سائينداد ساند ٿورڙو عرصو بيمار رھڻ کان پوءِ نيٺ سندن ساھ جو پکيئڙو گذريل ڏينھن ھميشه لاءِ پرواز ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو ۽ اسان کان ڪوھين ڪوھين ڏور ھليو ويو، جتان ڪوئي موٽڻو ناھي. اڄ سنڌ سموري روڄ راڙو ڪري رھي آھي، خاص طور تي سنڌ سميت ميرپورخاص ڊويزن جي سمورن علائقن ۾ وڇوڙي جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن ۽ سندس ھر چاھيندڙ سائينداد جي وڇوڙي کي ڪنھن گھر جي ڀاتي جو وڇوڙو ٿو ڀائين.

ڪنھن ھٿ ھليا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا،

اوھين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا.

اڄ مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر، اسلامڪوٽ، نئون ڪوٽ، عمرڪوٽ، روحل واہه،  ڍورونارو، کپرو، سانگھڙ سميت ميرپورخاص ڊويزن ۽ سموري سنڌ ۾ سراپا سوڳ ڇانيل آهي، سنڌ جي امر سرزمين ھميشه قربانيون ڏيندڙ وجودن کي دنياوي مسئلن ۾ به ڪاميابي نصيب ڪئي آھي ۽ بدلي ۾ سنڌ واسين جي دلين ۾ انھن وجودن لاءِ محبت اوتي آهي، سائين سائينداد ساند جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي بيوس ۽ سوڳوار عوام پاران عاجزيءَ واري محبت جو ثبوت ڏنو ويو آھي، يقينن ھر گھڙيءَ ڪنھن عذاب کان گھٽ ڪانه ھئي. اڄ سائين سائينداد ساند جي سنگت پريشاني ۾ ورتل آھي سندس ٽھڪندڙ دوست اڄ سنگت کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آھي، مرڻ کان پوءِ واپس ڪير به ناھي ورندو پر سندس يادون ھميشه سوڳوار دلين ۾  زنده رھنديون، سچ پچ اکين جا بند ڄڻ ٽٽي پيا آهن، آئون روئڻهاڪو ٿي روئان به سھي پر لطيف جي بردبار ٻوليءَ تي ٺٺوليون ٿينديون، ان بردبار قوم جو مان رکندي مان ته صبر ڪريان ٿو ۽ سموري سوڳوار سنڌ جي وجودن کي رپ پاڪ صبر جي توفيق عطا فرمائي، سائين سائينداد ساند جي اوچتي وڇوڙي ھڪ اھڙو گھاءُ ارپيو آھي جيڪو صديون پڄاڻان به ڀرجي نٿو سگهجي، رب پاڪ سندس گھر ڀاتين، دوستن، چاھيندڙن کي ھي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سنڌ جي ھن خوبصورت تخليقڪار سائين سائينداد ساند جي آخرت موچاري ڪري، کيس جنت الفردوس نصيب فرمائي. آمين

دردن جو داستانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي،

مصروف آ زمانون ڀلا ڪير ٿو ٻڌي،

پھريون دفعو ھجي ته ڪو ھمدرد ڀي ٿئي،

آئون روئان روزانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي،

دنيا ته صرف سمجھي ذر جي زبان کي،

ڇا ٿو چوي ديوانو  ڀلا ڪير ٿو ٻڌي،

سوچون ته سائينداد جون سھڻيون سٺيون مگر،

آھي ھوءَ بي زبانون ڀلا ڪير ٿو ٻڌي.“سائينداد”

 

عبدالغني “عبد” آريسر/ عمرڪوٽ

 

ادب جي آبياري ۾ بزم روح رهاڻ جو ڪردار!‎

 

ادب، شعور  جي بيداري نفرت کان ڌڪار ۽ محبت پکيڙڻ جو ذريعو ۽ اھڃاڻ آهي، ادب جو سماج جي تعمير ۾ به اھم ڪردار ھجي ٿو، اڄ جتي سوشل ميڊيا جي برپا ٿيل طوفان پڙهڻ لکڻ جي لاڙي کي سخت متاثر ڪيو آهي، اھڙي  افراتفري واري دور ۾ جيڪي ادارا نوجوانن ۾ ادب جي آبياري لاءِ ڪم ڪن ٿا، سچ پچ جس لھڻن، اھڙن ئي ادارن ۾ مهان ليکڪ مرحوم حميد سنڌي صاحب طرفان قائم ڪيل بزم روح رهاڻ ادب جي شوقين جي اڃ اجھائڻ ۾ اڳيان رھي آھي، جنهن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سٺو ليکڪ ۽ صحافي جناب واحد ڪانڌڙو  آھي، سندس اڻٿڪ محنت مھان ليکڪ محترم ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب ڪهاڻيڪار سليم چنا صاحب، محترم درياهه خان پيرزادو صاحب، اياز ابڙو صاحب، مولابخش محبتي، آزاد انور ڪانڌڙو، تعليمي ماهر غلام قادر وساڻ، اديب ادريس جتوئي ۽ ٻين دوستن جي سهڪار سان بزم روح رهاڻ ۾ ھر هفتي ادب سان سلھاڙيل شخصيتن جا جنم ۽ ورسي جا ڏهاڙا ۽ ڪتابن جي مهورت جون تقريبون منعقد ڪري سندن فن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي، ان سان گڏ ٿيندڙ دستوڙي گڏجاڻين ۾ پراڻن ليکڪن سميت اسان جهڙن نون لکندڙن جي تحريرن کي شامل ڪري سندن حوصلا افزائي پڻ ڪئي ويندي آهي، مطلب ته بزم روح رهاڻ ادب جي سٺي نموني آبياري ڪري رهيو آهي، اسان جي دعا آهي ته رب سائين  جناب واحد ڪانڌڙو صاحب ۽ بزم جي ٻين دوستن کي اڃا وڌيڪ همت ۽ طاقت ڏي جيئن هي لاٽ هميشه ٻرندي ۽ اسان جهڙن نون ادب جي شاگردن لاءِ مشعل راہه جو ڪم ڪندي رهي.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار

 

امير ۽ غريب ۾ وڌندڙ فرق!

 

(حصو ٻيون)

 

تڏهن ته پاڪستان ۾ هن وقت سياسي پارٽن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ اتحاد ۽ برداشت جي وڏي ضرورت آهي، پنهنجون سياسي زندگيون انتقام واري سياست حوالي نه ڪن ته سندن سياسي ماحول خوبصورت ٿيندو ۽ عوام به سک جو ساهه کڻندو. پاڪستان ۾ غريب ماڻهو غربت سبب غريب کان غريب ٿي رهيو آهي ۽ امير حڪمرانن جي دولت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي آبادي ۾ گھڻي اڪثريت لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي آهي، شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ زمين آسمان جو فرق اچي ويو آهي، غريبن جي لاءِ ماني، ڪپڙا، گھر، روزگار، تعليم جھڙيون سهولتون ڏکيون ٿيندي نظر اچن ٿيون، اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن وٽ عوام دوست صلاحتيون موجود ناهن، ڪير به صادق امين ناهي، معاشي خوشي جو واسطو معاشي خوشحالي سان آهي، ملڪ جو عوام تعليم، صحت، روزمره جي زندگي جو سڀ سهولتون ڏئي رياست جي ذميواري آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ظالم استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد گھڻو آهي، غريب غربت سبب احساس محروميءَ جو شڪار آهن، اسان ملڪ جي بادشاهن عيش پرستيءَ ۾ ملڪي عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي، باقي حڪمرانن جي دولت جا ريل گاڏا ڀريل آهن، غريب عام ماڻهن جون زندگيون غربت سبب تباهه ٿيل آهن اشرافيا جي گھرن ۾ موجود گھرو جانور به منرل واٽر پيئن ٿا، غريب ڳوٺاڻان اڄ به گندن کڏن جو گندو پاڻي پيئن ٿا، امير حڪمرانن جو علاج عوام جي لٽيل دولت مان لنڊن، پيرس، آمريڪا ۽ دبئي ۾ ٿئي ٿو، غريب جو علاج ملڪ جي سرڪاري اسپتالن ۾ به جتي غريب کي مٿي جي سور جي ٽڪي به نٿي ملي، ملڪ ۾ نفرت ۽ ڏوهن جي شرح وڌيڪ نظر اچي ٿي، ملڪ جي حڪمرانن کي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ياد ئي ناهي، افسوس سان اهو لکڻو پوي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ طبقائي معاشرو وجود ۾ اچي چڪو آهي، امير سياستدانن کي غريبن جا رهائشي علائقا تڏهن ياد اچن ٿا جڏهن اليڪشن ٿئي ٿي، ان کان پوءِ ڪچين آبادن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو انهن کي ياد به ناهن ايندا، پوءِ انهن سان ملڻ جلڻ به ڇڏي ڏيندا آهن، جيڪڏهن غريب آبادي ۾ ڪنهن غريب جو موت ٿئي ٿو ته انهن جي جنازي ۾ به شرڪت ڪرڻ لاءِ به ناهن ايندا، جڏهن اليڪشن ٿيندي آهي ته انهن سان تعزيت ڪرڻ اچن ٿا، غريب آبادين ۾ جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته سياستدانن کي صرف پنهنجا ذاتي مفاد عزيز آهن، ڇو جو هي سياسي ماڻهو آهن، سياسي ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ جيئندو آهي نه ڪي عوام لاءِ، اڃا اهي سياسي ليڊر ٿيا ئي ناهن ڇو ته ليڊر جو جيئڻ مرڻ صرف عوام لاءِ هوندو آهي نه ڪي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ.

 

مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن