ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو اعتراف، عالمي اداري جي سفارش مطابق هڪ هزار ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ بدران سنڌ ۾ چار هزار ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر قرر ٿيل، صحت کاتي ميڊيڪل يونيورسٽين جي سيٽن ۾ 10 سيڪڙو اضافي لاءِ وفاقي سرڪار کي خط لکي ڇڏيو، ان ڏس ۾ صحت واري سيڪريٽري وزيراعظم جي سينيئر صلاحڪار ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته 2006ع ۾ سنڌ جي آدمشماري 3 ڪروڙ 80 لک هئي، جيڪا 2017ع جي آدمشماري مطابق 4 ڪروڙ 78 لک کان به وڌي وئي آهي، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته 2030ع ۾ هي شهر دنيا جي وڏن شهرن ۾ 7 نمبر تي اچي ويندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جون 2950 سيٽون آهن، جن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڪراچي جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکي سنڌ سرڪار آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، اين آءِ سي وي ڊي، لياري اسپتال ۽ ٻين اسپتالن کي اپ گريڊ ڪري اتي اڳي کان ٽي ڀيرا وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون آهن، خط ۾ صحت کاتي صحت واري عالمي اداري جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته عالمي اداري جي سفارش مطابق هڪ هزار شهرين تي هڪ ڊاڪٽر هجڻ گهرجي، سنڌ ۾ هن وقت ايم بي بي ايس جون 2450 ۽ بي ڊي ايس جون 500 سيٽون آهن، انهي مطابق تقريبن چار هزار شهرين تي هڪ ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي، انهي ڪري وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين جي سيٽن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.