قمبر/مدئجي (نمائندن وٽان) قمبر لڳ ٽريفڪ اهلڪارن رشوت نه ڏيڻ تان پورهيت کي ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان ڏئي ڇڏيو، پورهيت چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت، لاش رکي ڌرڻو، ٻن ٽريفڪ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، ٻئي جوابدار فرار. خبر موجب ٻيڙو چانڊيو مان پورھيت تنوير جتوئي ۽ ٻيا پورهيت ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سرون ڀري بھرام کڻي وڃي رھيا ھئا ته قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي شاهه حسن جي لاڙي ڀرسان ٽريفڪ عملدارن رشوت لاءِ کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته نه روڪڻ تي ٽريفڪ اهلڪارن ٽريڪٽر تي ڊرائيور سان گڏ ويٺل پورھيت تنوير جتوئي کي قميص کان جهلي هيٺ لاھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پورهيت ڪري پيو ۽ ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، واقعي خلاف پورھيتن ۽ فوتي جي وارثن لاش قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، بعد ۾ ايس ايچ او قمبر طرفان ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، بعد م واقعي جو ڪيس قمبر جي سٽي ٿاڻي تي فوتي پورهيت جي مامي خالد جتوئي جي فرياد تي ٽريفڪ جمعدار بشير احمد سولنگي ۽ سپاھي زاھد حسين رند مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار ٽريفڪ اهلڪار فرار ٿي ويا آهن. فوتي پورهيت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مدئجي کڻائي ويا.