نيويارڪ (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته او آءِ سي کي مسلم دنيا جا تڪرار حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، گڏيل قومن جي ميمبرن ۽ اسلامي ملڪن ۾ اڻبرابري وڌي رهي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي سربراهي هيٺ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته اسان تاريخ جي هڪ نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون، مهانگائي، موسمياتي تبديلين اسرندڙ ملڪن ۾ خوشحالي روڪي ڇڏي آهي، گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۽ اسلامي ملڪن ۾ اڻبرابري وڌي رهي آهي، گڏيل قومن جو چارٽر جڏهن تيار ٿيو ته اڪثر مسلم ملڪن حصو نه ورتو، ڪوبه مسلم ملڪ ويٽو جي حق سان سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ناهي، هن چيو ته اسلامي دنيا کي سياسي، معاشي ۽ ماحوليات سميت ٻيا چيلنجز درپيش آهن، عالمي برادري آڏو جامع ۽ اتفاق راءِ ردعمل آڻڻو پوندو، دنيا هڪ تبديلي جي عمل مان گذري رهي آهي، اسلامي دنيا کي اڀرندڙ سچاين کي نظر ۾ رکندي راءِ جو اظهار ڪرڻو پوندو، مسلم دنيا کي يقيني بڻائڻو پوندو ته قومي سلامتي ۽ سرحدي مفاد محفوظ رهن، دنيا ۾ جيڪي به تڪرار آهن، اسان رڳو امن جي ڳالهه ڪريون ٿا، بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين واسين لاءِ امن کي هٿي وٺرائڻ جي مقصد کي وسارڻو نه پوندو، پاڪستان فلسطين ڪاز بابت روايتي موقف تي قائم آهي، ڪشمير مسئلو به مسلم دنيا جو هڪ متفقه معاملو آهي، ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته ڪشمير پاڪستان آهي ۽ پاڪستان ڪشمير آهي، پاڪستان ۽ ڪشمير تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور جڙيل آهن، پاڪستان ڪشمير سان امن چاهي ٿو پر اهو ڪشمير مسئلي سان مشروط آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ 40 ورهين بعد ٻه طرفقي امن جي قيام جو موقعو مليو، تڪرارن مسلم دنيا جو گهيراءُ ڪري ورتو آهي، اسلامي تعاون تنظيم کي مسلم دنيا جا تڪرار حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، اسلامو فوبيا حقيقت آهي،هوڏانهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڪائونسل آف فارن ريليشن تحت تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ آءِ ايم ايف سان رليف لاءِ ڳالهائينداسين، اسان کي دنيا کان پنهنجي ماڻهن لاءِ امداد نه انصاف گهرجي، پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ وبائي بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي،  ان کان ڳ نيويارڪ ۾ هڪ انٽرويو دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان آيل تباهيءَ کانپوءِ ڀارت طرفان پاڪستان جي ڪا مدد ناهي ڪئي وئي ۽ ان مان اهڙي اميد به ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت سان اسان جا معاملا تڪراري رهيا آهن، بدقسمتي سان اڄ ڀارت اهو ڀارت ناهي رهيو، ڀارت سيڪيولر ناهي رهيو، اڄوڪو ڀارت تيزيءَ سان هندو بالادست ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۽ ان جي سلامتي ڪائونسل کي نظرانداز ڪرڻ، تڪراري علائقي جون سرحدون تبديل ڪرڻ ۽ جاگرافيائي تبديلي جون ڪوششون ڪرڻ ڀارت سان اسان جي لاڳاپن کي تمام گهڻو محدود بڻائي ٿو، ڀارت جي نسل پرست، فاشسٽ ۽ اسلامو فوبيا پاليسي آهي، جنهن جو نه رڳو ڪشمير پر سڄي ڀارت ۾ ردعمل سامهون آيو. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جو نوجوان نسل پاڙيسرين کي امن سان رهندي ڏسڻ چاهي ٿو.