اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت عمران خان خلاف جج کي ڌمڪيون ڏيڻ وارو فوجداري ڪيس واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته لانگ مارچ جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته اسلام آباد ۾ اچي چئني طرفن کان بند ڪنداسين، غير آئيني طور تي حڪومت هٽائڻ جي ڪوشش ڏوهه آهي، اگر ڪو قانون هٿ ۾ کڻندو ته قانون رستو اختيار ڪندو، عمران خان کي گهيرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، عمران خان ان کان بهتر آهي ته پنهنجي پاليسي جو اعلان ڪري ته مان اچي بادشاهي نظام قائم ڪندس. وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ڪجهه حدون طئه ڪري ٿو، ارڙهين ترميم کان پوءِ به اختيار وفاقي حڪومت وٽ آهن، هن پنجاب ۾ عهدو نه ڇڏيندڙ پوليس آفيسر جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هو وفاق جو آفيسر آهي، وفاق جڏهن به چاهي ان جون خدمتون ڪنهن ٻئي هنڌ ڏئي سگهي ٿو، اگر غيرقانوني ۽ غير آئيني عمل ۾ صوبائي حڪومتون حصو ٿينديون ته آئيني ۽ قانوني رستا موجود آهن، چونڊيل حڪومت کي غير آئيني طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ به ڏوهه آهي، اگر ڪوئي قانون کي هٿ ۾ کڻندو ته آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين، صوبي ۾ حالتون خراب ٿين ته گورنر راڄ جو آپشن آهي پر جمهوري حڪومتن جي هميشه خواهش رهي آهي ته اهي ان حد تائين نه وڃن، پي ٽي آءِ وٽ تمام سٺو آپشن آهي ته هو قومي اسيمبلي ۾ واپس اچي حڪومت کي عدم اعتماد ذريعي هٽائي ڇڏين، پي ٽي آءِ کي ڪنهن روڪيو آهي، سياست نالو ئي ڊائلاگ جو آهي، ڏنڊي ۽ پٿر هڻڻ جو ناهي، هن چيو ته آئين ۾ ڪابينا جي ڏنل تعداد کي ڪراس نه ڪيو آهي، ڪوائنٽٽي بجاءِ ڪوالٽي کي اهميت هجڻ گهرجي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته توهين عدالت عمران خان ۽ عدالت جو مامرو آهي، جيڪو جج کي ڌمڪيون ڏيڻ وارو ڪيس حڪومت داخل ڪيو آهي اهو ڪيس حڪومت واپس نه وٺندي، ڇو ته حڪومت سمجهي ٿي ته سول سرونٽس جي آزادي ۽ تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، عمران خان هميشه يوٽرن وٺندو آهي هڪ وڌيڪ يوٽرن هن ورتو آهي، ايف آءِ اي فارين فنڊنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي جاچ مڪمل ٿيڻ  کان پوءِ ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو، ان موقعي تي قمر زمان ڪائرا چيو ته رانا ثناءُ الله جا بيان اڄ ڪلهه مخالفن کي چُڀي رهيا آهن، اهي بيان ڏنا پيا وڃن ته اسان اسلام آباد جو چئني طرفن کان گهيرو ڪنداسين، حڪومت کي کڻي ڦٽو ڪنداسين، شهر کي جام ڪري ڇڏينداسين انهن جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله کي ڇا چوڻ گهرجي، ڇا ان کي خاموش رهڻ گهرجي؟ اگر خان صاحب جو خيال آهي ته صديون پراڻي طريقي تي لاهور جي قلعي تي جنهن جو جهنڊو لڳي ويو ان جو پنجاب ٿي ويو، جنهن دهلي فتح ڪئي اهو بر صغير جو حڪمران ٿي ويو، اگر خان صاحب اهڙو گهيرو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته حڪومت جي آئيني قانوني ذميواري آهي ته اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران خان کي دعوت ڏيان ٿو ته حڪومت سان ان جي پارٽي ويهي، اهي اگر اجازت وٺي قانون جي دائري ۾ رهڻ جي خاطري ڪرائن ٿا ته احتجاج انهن جو حق آهي، هي گهيرو ڪرڻ جو دور ناهي.

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خان صاحب اڃا تياري ڪري رهيو آهي، اسان تياري ڪري ڇڏي آهي، عمران اسلام آباد اچي، سئو بسم الله، 25 مئي کان بهتر طريقي سان منهن ڏينداسين، صحافي جي سوال تي رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جهڙي شخص سان ڳالهيون ممڪن ناهن، ڳوڙها آڻيندڙ شيل ۽ رٻڙ بُليٽس مظاهرين تي وسائڻ لاءِ جديد طريقيڪار استعمال ڪيو ويندو، هن چيو ته ڊرون جي استعمال تي به غور ٿيندو، رانا ثناءُالله چيو ته صوبن کان نفري گهري آهي، صوبن نفري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته انهن خلاف به ڪاروائي ٿيندي، گهرو وزير ريڊ زون کولڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عمران خان اچڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته ريڊ زون ٻيهر سيل ڪري ڇڏينداسين.