اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيناڊول ۽ پيراسٽامول جي کوٽ واري صورتحال کان پوءِ وفاقي حڪومت پيناڊول ۽ پيرا سٽامول ٺاهيندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن مطابق اهڙو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو، وڊيو لنڪ ذريعي ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم پيناڊول ۽ پيراسٽامول جي عوام کي فراهمي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، اجلاس ۾ ناڻي وزير، سڌ سماءَ جي وزير ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.