گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان مڙس ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي گهر واري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش واٽر ڪورس ۾ اڇلائي ڇڏيو، جوابدار ٿاڻي تي پيش. گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ ٻٽا واٽر واسڻ 25 سالن جي ناري مسمات اميران ڌيءُ عبدالمجيد سولنگي کي سندس مڙس ميهرالدين سولنگي مائٽن ۾ گهمائڻ بهاني ڳوٺ دوست محمد مغل ۾ وٺي وڃي ڳوٺ ڀرسان جهنگ ۾ گهٽا ڏئي کيس کي بي دردي سان قتل ڪري لاش واٽر ڪورس ۾ ڦٽو ڪري پاڻ ٿاڻي تي پيش ٿيو، جتي هن پوليس آڏو گهر واري کي ڪارنهن جي تهمت هڻي کيس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي. هوڏانهن گپچاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش واٽر ڪورس مان ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي وئي، ٻئي طرف ناريءَ جي ماءُ قاتل کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ مٿان بي گناھه ڪارنهن جو الزام هڻي کيس قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آھي.