پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پني عاقل ڀرسان ڪارنهن هيٺ جوابدار گوليون هڻي زال ماري ڇڏي. ان ڏس ۾ پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ زال کي قتل ڪري ڇڏيو آھي. جوابدار عاقب جتوئي پنھنجي زال عائشه جتوئي کي ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ،جوابدار ناري کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي، سانگي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو آھي .