گهوٽڪي ڀرسان نوجوان گوليون هڻي قتل، عورت سخت زخمي

0
163
گهوٽڪي ڀرسان نوجوان گوليون هڻي قتل، عورت سخت زخمي
گهوٽڪي ڀرسان نوجوان گوليون هڻي قتل، عورت سخت زخمي

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان نوجوان جو گهر ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت سخت زخمي ٿي پئي، لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڳوٺ ٽانوري پلاٽ وٽان گهر ٻاهران نوجوان اربيلو جو لاش ۽ زخمي عورت خالده سومرو کي ڏسي ڳوٺاڻن ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان اربيلو جو لاش ۽ زخمي عورت خالده سومرو کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو

پوليس موجب ته نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي ۽ هڪ عورت خالده سومرو کي زخمي ڪيو ويو آهي، عورت خالده سومرو جي حالت نازڪ هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ته نوجوان جو ڪهڙي ذات سان تعلق آهي ۽ اصل واقعو ڪيئن پيش آيو آهي