ڀٽ شاهه: شديد ڪوهيڙي سبب 12 گاڏيون ٽڪرائجي ويون، هڪ فوت، 8 ڄڻا زخمي

0
179

ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي شديد ڪوهڙي سبب تقريبن 12 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا

پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتار ڪوچ، مزدا، ٽرالر ۽ ڪارون ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ شهدادپور واسي مزدا ڊرائيور شيراز شالياڻي فوت ٿي ويو

جڏهن ته محمد الياس، مقبول، احمد ڀٽي، ولي محمد ۽ عبدالصمد سميت 8 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي ڀٽ شاهه، هالا ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ قومي شاهراهه روڊ بند ٿي ويو