ٺٽو (رپورٽر) ڪينجھر ويجھو سوزوڪي پڪ اپ ڪلٽي، ٻن ٻارڙين ۽ هڪ عورت سميت 7 ڄڻا زخمي. ڪينجھر ويجھو ٺٽو- حيدرآباد قومي شاهراھ تي کنڀو اسٽاپ لڳ ٺٽو کان سونڊا مسافر کڻي ويندڙ سوزوڪي پڪ اپ تيز رفتاريءَ سبب ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 2 ٻارڙيون زرينا، صائمه، نوجوان پير بخش لاشاري، راجسنگھه ۽ هڪ عورت سميت 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثي بعد زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪري فوري طبي امداد ڏني وئي. ڄاڻايل زخمين مان معصوم ٻارڙي زرينا جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.