ڏوڪري/ باڊھه (نمائندن وٽان) باڊھه شھر جي مصروف اسٽيشن روڊ تي نوجوان محمد رمضان ملاڻو پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بروقت پوليس ۽ باڊھه اسپتال عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پوليس موبائيل پهچي سگهي نه ئي وري ايمبولنس اچي سگهي جنهن سبب 20 منٽن تائين نوجوان واقعي واري هنڌ تڙپندو رهيو ۽ سندس امڙ ۽ وارث دانهون ڪندا رهيا پر انتظاميا جو ڪوبه ذميوار ماڻھو نه هجڻ تي نوجوان کي چنگچي رڪشا تي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڏوڪري اسپتال نيو ويو جتان کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان نوجوان جي والد جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ اڪثر پريشان رهندو هو ڪافي ڀيرا معلوم ڪرڻ باوجود هن پريشان رهڻ جو ڪارڻ نه ٻڌايو ۽ هن انتهائي قدم کنيو آھي ٻئي طرف نوجوان جو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ علاج جاري آھي.