مورو(ن پ ا) مورو شھر جي ٻانڌي روڊ تي نوجوان صدورو زرداري گھريلو معاملي تي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي سندس ڀاءُ نثار زرداري ٻڌايو ته ننڍي ڀاءُ گھريلو معاملي تي جذبات ۾ اچي پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي. مورو ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي.