ڪوشش آهي ته آئيني طريقي سان حڪومت کي هٽائي قوم ڏانهن واپس وڃون: شهباز شريف

0
264
ڪوشش آهي ته آئيني

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته رڳو هڪ ماڻهو نه پر 22 ڪروڙ عوام چاهي ٿو ته اها نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت هاڻي گهر وڃي

اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته آئيني طريقي سان حڪومت کي هٽائي قوم ڏانهن واپس وڃون، شفاف چونڊن ۽ نئين مينڊيٽ سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين ۽ پريشانين ۾ مبتلا عوام جي خدمت ڪيون

هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته سياست ۾ ڪا به شيءِ حتمي ناهي هوندي، حڪومت جي اتحادين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبر حڪومت خلاف آهن انهن سان به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي

پنجاب ۾ تبديلي بابت سوال تي مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته پنجاب ۾ تبديلي جو فيصلو پارٽي سربراهه جي مشاورت سان ڪيو ويندو

ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿينديون

سراج الحق چيو ته پارٽي ۾ مشاورت کانپوءِ متحده مخالف ڌر بي اعتمادي واري رٿ جو جواب ڏينداسين

ھي به پڙھندا

عمران خان جي حڪومت وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي: نثار کهڙو