ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب ڳورڙ جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ  شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر  ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان کي جبري موڪل تي اماڻڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه ڊاڪٽر انيلا عطاءِ الرحمان پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران صحت ۽ يونيورسٽيز کاتن جي سيڪريٽرين پاران فوڪل پرسن رپورٽ پيش ڪئي. يونيورسٽيز کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته ڊاڪٽر انيلا کي وائيس چانسلر جي عهدي تان هٽايو ناهي ويو،  ڊاڪٽر نمرتا ڪماري ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي بابت  لمس پاران ڏنل ڊي اين اي رپورٽ بابت شفاف انڪوائري لاءِ کيس جبري موڪل تي موڪليو ويو آهي، فوڪل پرسن موجب ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان نمرتا ڪماري واقعي بعد نياڻين جي تحفظ بابت وي سي طور پنهنجي ذميواري ادا ناهي ڪئي، جنهن تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ پڇيو ته نمرتا واقعي جي جوڊيشل انڪوائري  رپورٽ تي ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ جنهن تي يونيورسٽيز کاتي جي سيڪريٽري جي فوڪل پرسن چيو ته ڊاڪٽر انيلا وائيس چانسلر طور ڊاڪٽر نمرتا ڪماري واقعي بابت جاچ  به ناهي ڪرائي، جيڪا سندس بنيادي ذميواري هئي، آڊيٽر جنرل جي 2020ع واري رپورٽ موجب يونيورسٽي فنڊز ۾ به اربين رپين جي بي ضابطگي ٿي آهي، اربين رپيا هڪ اڪائونٽ کان ٻئي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن جنهن تي عدالت چيو ته اهڙي رپورٽ اچڻ بعد سرڪار ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟  هر کاتي جو اهڙو ئي حشر آهي، جنهن وقت آفيسر عهدن تي مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ ڪرپشن ڪندا رهندا آهن، ان وقت حڪومت ڪجهه ناهي ڪندي، آفيسرن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ حڪومت کي اهڙا معاملا نظر ايندا آهن. جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته اوهان صحت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي ؟  جنهن تي يونيورسٽيز کاتي جي سيڪريٽري جي فوڪل پرسن چيو ته پهرين فيبروري 2022ع تي ڊاڪٽر نوشين جي رپورٽ ملي، جنهن مان خبر پئي ته هڪ ئي شخص ٻنهي ڪيسن ۾ ملوث آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت فوري طور تي 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن غير جانبداري سان انڪوائري ٿي سگهي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نياڻين کي تحفظ مهيا ڪرڻ وي سي جي ذميواري هئي،  جيڪا هن ادا نه ڪئي،پهرين واقعي کانپوءِ هن انڪوائري به نه ڪرائي، انهي باوجود سنڌ سرڪار کيس عهدي تان  هٽائڻ بجاءِ 45 ڏينهن جي موڪل تي موڪليو آهي ته جيئن شفاف انڪوائري ٿي سگهي، هن چيو ته ڊاڪٽر انيلا کان سنڌ حڪومت گاڏي به واپس نه ورتي آهي،  جنهن تي جسٽس آفتاب ڳورڙ چيو ته يونيورسٽيون اسان جون آهن، انهن ۾ اسان جون ئي نياڻيون پڙهن ٿيون، انهن جي سيفٽي ( تحفظ) ضروري آهي، پمس نوابشاهه واري وائيس چانسلر خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟  اهو به ڏسڻو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي وي سي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ جنهن تي صحت جي سيڪريٽري پاران انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت طلب ڪئي وئي، جڏهن ته درخواست گذار ڊاڪٽر انيلا جي وڪيل چيو ته وائيس چانسلر کي جبري موڪل تي اماڻڻ جو ڪو قانوني جواز ناهي، لاڳاپيل عملدار رڳو مس ڪنڊڪٽ، ڪرپشن ۽ نااهلي جي جاچ جو حڪم ڏئي سگهن ٿا، وي سي کي  جبري موڪل تي اماڻي نٿو سگهجي، جنهن تي عدالت چيو ته ڌرين جا دليل ٻڌي ڇڏيا آهن، اڄوڪي ٻڌڻي بابت لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويندو.