وزيراعظم ۽ طارق بشير وچ ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي

0
349
وزيراعظم ۽ طارق

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير طارق بشير چيما وچ ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

ذريعن موجب وزيراعظم ۽ طارق بشير چيما وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق بشير چيما حڪومتي ميمبرن جي ٽٽڻ جي صورت ۾ مستقبل جي سياسي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان جا 15 يا 20 ميمبر ٽٽي پيا ته اسان به اپوزيشن سان گڏ هلڻ تي مجبور ٿي وينداسين

ذريعن موجب طارق بشير چيما وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو اتحاد جي معاملن ۾ ساڻس گڏ آهن، جيڪڏهن توهان جا ميمبر ٽٽي ويا ته پوءِ نئين پاليسي ٺاهي سگهون ٿا

ھي به پڙھندا

ڪوشش آهي ته آئيني طريقي سان حڪومت کي هٽائي قوم ڏانهن واپس وڃون: شهباز شريف