عمران خان جي حڪومت وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي: نثار کهڙو

0
165
عمران خان جي حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڇڏڻ جو وقت اچي ويو آهي، عمران خان جا اتحادي ۽ ان جا ميمبر هاڻي اقتدار جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ تي چڙهڻ نٿا چاهين

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ اقليت جي حڪومت آهي جنهن وٽ ايوان ۾ اڪثريت ناهي، وزيراعظم عمران خان عوام ۽ ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي ان ڪري وزيراعظم ۽ هن حڪومت کي وڃڻو پوندو

هن چيو ته اڃا به وقت آهي عمران خان استعيفيٰ ڏئي ٻي صورت ۾ کيس ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو، سنڌ ۾ نه گڏيل اپوزيشن آهي ۽ نه ئي اپوزيشن متحد آهي

هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ اپوزيشن پنهنجا ميمبر وڃائڻ جي خوف کان سينيٽ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، سينيٽ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ اميدوار يا پارٽيءَ جو پنهنجو فيصلو هو، سنڌ کي آئيني حق ڏيارڻ لاءِ سينيٽ ۾ ڀرپور آواز اٿاريندس

ھي به پڙھندا

اپوزيشن پويان ڪيترائي پرڏيهي هٿ آهن، ميمبرز کي 18-18 ڪروڙ آڇيا ويا، حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي: وزيراعظم