ڪورونا ويڪسين لڳرايو، هڪ سئو ڊالر حاصل ڪيو

0
1109

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ ويڪسين لڳرائڻ وارن کي هڪ سئو ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي ميئر ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ جي بدلي ۾ 100 ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، نيو يارڪ ميئر جو چوڻ آهي ته منصوبي سان عوام کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي طرف رجحان وڌندو ۽ عالمي وبا جي پکيڙ گهٽ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، ٻئي طرف نيو يارڪ ۾ ليبر ڊي تائين سمورن سرڪاري ملازمن جي لاءِ ويڪسين لڳرائڻ يا ڪوڊ ٽيسٽ ڪرائڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي، گورنر نيو يارڪ اينڊريو ڪومو جو چوڻ آهي ته رياست جي سمورن اسپتالن ۾ مريضن کي ويڪسين لڳرائڻ جي پابندي به لاڳو ڪئي وئي آهي.