ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان صوبي جي راڄڌاني ۾ فوج جي گاڏي ويجهو بم ڌماڪي ۾ 6 فوجي جوان زخمي ٿي پيا آهن. اهو ڌماڪو ايئرپورٽ روڊ تي عسڪري پارڪ ويجهو ٿيو. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الله لانگو چيو آهي ته 6 فوجي زخمي ٿيا آهن جن مان ٻن جي حالت نازڪ آهي. بم موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، جنهن ۾ 4 کان 5 ڪلو بارود لڳايو ويو هو.