ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) نيب ڪراچي ڪي ايم سي ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي اختيارين سوڌو سيد عدنان، ڪنيز فاطمه، صوفيه سعيد ۽ آفيسرن ۽ واپارين سان نيب آفيسر سڏائي فراڊ ڪندڙ خالد حسين سولنگي خلاف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي، جوابدار شاهه معراج جي پلي بارگين واري درخواست منظور، ديهه ڊزن ۾ هڪ ارب جي ماليت جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري انڪوائري کي به انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو. ڪالهه نيب جي ريجنل بورڊ جو اجلاس ڊي جي نيب نجف قلي مرزا جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مختلف ڪيسن جو جائزو ورتو ويو، جنهن بعد 3 ريفرنسن جي منظوري ڏني وئي ۽ هڪ انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو. نيب ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪي ايم سي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اختيارين سميت ڪنيز فاطمه، صوفيه سعيد ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، ڄاڻايل جوابدارن فلاحي پلاٽ وڪرو ڪيا، فلاحي پلاٽن کي رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽن ۾ تبديل ڪيو ويو، اهڙي ريت جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ قومي خزاني کي 90 ڪروڙن جو نقصان ڏنو. نيب ترجمان موجب اجلاس ۾ سينٽرل انفارميشن ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر سيد محمد عدنان ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، جوابدار سيد محمد عدنان ۽ ٻين غيرقانوني طور رهائشي ۽ فلاحي پلاٽن جي ٻيهر الاٽمينٽ ڪئي ۽ فنڊز ۾ به گهوٻيون هڻي قومي خزاني کي 11 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان ڏنو. بورڊ اجلاس ۾ پاڻ کي نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب سڏائي آفيسرن سان فراڊ ڪندڙ خالد حسين سولنگي ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. نيب موجب جوابدار نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن ۽ واپارين سان 9 ڪروڙن کان وڌيڪ جو فراڊ ڪيو. اجلاس ۾ ڪي پي ٽي ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ جوابدار شاهه معراج جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪري وئي. ان کان علاوه اجلاس ۾ ديهه ڊزن ۾ 10 ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪندڙ روينيو آفيسرن خلاف هلندڙ انڪوائري کي انويسٽيگشن ۾ تبديل ڪرڻ جي به منظوري ڏني. نيب موجب جوابدارن جعلي ۽ بوگس انٽريز ذريعي 10 ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي ۽ ان زمين جي ماليت هڪ ارب هئي، زمين سرڪاري هئي.