رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ هلندڙ سال حج جو آپريشنل پلان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 60 هزار پانڌيئڙا حج ڪري سگهندا. حج دوران خانه ڪعبه ۽ ان جي اڱڻ ۾ چرپر ۾ آساني لاءِ 800 کان وڌيڪ گاڏيون فراهم ڪيون وينديون. حج جي شروعات 8 ذوالحج کان ٿيندي ۽ 12 ذوالحج تي ختم ٿيندو. ڪعبت الله جي اڱڻ ۾ جيوڙا مار اسپري ڪرڻ لاءِ 5 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي روز 10 ڀيرا 60 هزار ليٽرز کان وڌيڪ دوا جو ڦوهارو ڪندا. ڪورونا وائرس کان مڪمل پاڪ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي به استعمال ڪئي ويندي جنهن ۾ اسمارٽ روپوٽ به شامل آهن. حج جي ٽنهي طوافن لاءِ مختلف دروازا کوليا ويندا، اڱڻ ۾ ورچوئل رستي جي گنجائش به وڌائي وئي آهي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 29 امام 25 ٻولين ۾ 109 کان وڌيڪ خطبا ڏيندا. ميدان عرفات جو خطبو به ٽي وي تي نشر ڪيو ويندو. 10 هزار سکيا ورتل خادم حاجين جي خدمت ڪندا. وڏي عمر جي ماڻهن جي عبادت لاءِ ننڍا ڪمرا رکيا ويا آهن. عورتن جي خدمت لاءِ 3 هزار کان وڌيڪ عورتون به مقرر ڪيون وينديون. خانه ڪعبه جو غلاف 3 فٽ مٿي ڪري اڇو ڪپڙو لڳايو ويو آهي ته جيئن وائرس کان بچي سگهجي.