اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گرمي پد ۾ اضافي ۽ برساتن سبب درياهن ۾ پاڻي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته چناب ۾ پاڻي وهڪرن ۾ اضافو ٿيڻ سان منگلا مان 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت گهٽائي وئي آهي، ارسا ترجمان چيو آهي ته درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي پر جيستائين تربيلا جي سطح 1437 فوٽن تائين نه پهچندي، تربيلا مان پاڻي کڻت ۾ اضافو نه ٿا ڪري سگهون تفصيل موجب ڪالهه درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي، 30 جون تي درياهن ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 40 هزار 100 ڪيوسڪ هئي، جيڪا ڪالهه پهرين جولاءِ تي وڌي 2 لک 60 هزار 300 ڪيوسڪ تي پهتي آهي، ائين هڪ ڏينهن ۾ درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ 20 هزار 200 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي، درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي باوجود تربيلا ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هڪ فوٽ گهٽجي وئي آهي، جنهن کان پوءِ تربيلا ۾ پاڻي جي سطح 1431 فوٽ کان گهٽجي 1430 فوٽ تي پهتي آهي، تربيلا مان زرعي مقصدن لاءِ پاڻي کڻت گهٽائي هڪ لک 30 هزار 800 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته درياهن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي پر تربيلا جي سطح 1437 فوٽن کان جيستائين نه وڌندي، تربيلا مان اضافي پاڻي نه ٿا ڪڍي سگهون، اڄ کان تربيلا ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ شروع ٿيندي، اميد آهي ته ٽن کان چئن ڏينهن ۾ تربيلا ۾ پاڻي جي سطح 1437 فوٽن کان مٿي ٿي ويندي، جنهن بعد زرعي مقصد لاءِ تربيلا مان پاڻي جي کڻت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻيهر صوبن کي پاڻي فراهمي بنا ڪٽوتي جي شروع ٿيندي، هن چيو ته چناب ۾ پاڻي وهڪرن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ منگلا مان پاڻي جي کڻت 50 هزار ڪيوسڪس کان گهٽ ڪري 40 هزار ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي مون سون جي بارشن جو سلسلو به اڄ رات کان شروع ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪئي وئي آهي، جنهن سان اميد آهي ته پاڻي جي صورتحال ۾ بهتري ايندي، هوڏانهن پاڻي جي شديد کوٽ باوجود بدستور سي جي لنڪ ڪينال کي 5 هزار ڪيوسڪس ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال کي 9 هزار 319 ڪيوسڪس پاڻي جي فراهمي جو عمل جاري آهي.