ڪنڌڪوٽ ( ن پ ا ) ڪنڌڪوٽ پوليس هڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جيوڻ گولو واسي ڳوٺاڻي گلشن ولد عطا محمد گولو کي ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي، مقابلي دوران ڏوهاري مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا علائقي ۾ سرچ آپريشن هلندڙ آهي، هوڏانهن علائقي ۾ مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٿيڻ جا به چئوٻول هلندڙ آهن.