ڪنڊيارو(ن پ ا) چار ڏينهن اڳ ڪنڊيارو شهر جي شهباز ڪالوني مان ماءُ پاران اغوا ڄاڻايل ناري پنهنجي اغوا کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو امڙ منهنجي اغوا جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين جي آڏو ڳالهائيندي ناري رخسار عرف رخسانه سولنگي چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آھي هن چيو ته مون عجب ڪليري نالي نوجوان سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آھي هن پنهنجي امڙ پاران سندس مڙس مٿان داخل ڪرايل ايف آءِ آر کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.